ملڪ وحيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملڪ وحيد

ملڪ وحيد (انگريزي ٻولي:Malik Waheed) سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ ليکڪ آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ملڪ وحيد جو پورو نالو وحيد علي ولد حاجي الهورايو ملڪ آهي. ملڪ وحيد جي قلمي نالي سان لکندڙ هيءُ شاعر 10 آڪٽوبر 1981ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي دادو تعلقي جي شھر دادو ۾ جنم ورتو.[1][2]

تعليم[سنواريو]

ملڪ وحيد پرائمري کان انٽر ميڊيئيٽ تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي. ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.[1]

ادب[سنواريو]

ملڪ وحيد ادبي دنيا ۾ 2000ع ۾ قدم رکيو. هن شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏ غزل جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي آهي.[1] سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري به چونڊيو ويو آهي.[3]

ڪتاب[سنواريو]

  • آئون منسوب تنهنجي نالي سان (شاعري2006ع)[1]
  • چوٽا تيل چنبيليا شاعري 2013ع[2]
  • گلن سُرهاڻ آندي آ, (شاعري2015ع)
  • ڪجهه ته ڳولن ٿيو اکيون (شاعري 2017ع)

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-04. 
  2. 2.0 2.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-01-04. 
  3. "دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جي چونڊ،وحيد ملڪ سيڪريٽري چونڊجي ويو -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-04.