مفتي محمد رحيم سڪندري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيخ الحديث حضرت علامه مولانا مفتي محمد رحيم سڪندري صاحب ڄمڻ جو هنڌ ۽ تاريخ: 3 جنوري 1941 ع ڌاري ڳوٺ قادرپورٻيلو لڳ سکر ۾ ٿي ، بعد ۾ دريا پائڻ جي ڪري ڳوٺ مير محمد کوسا ( تعلقو ٺل ) لڏي ويا. تعليم : سند الفراغ 1961 ع ( جامعه راشديه درگاه شريف پير جو ڳوٺ ) فاضل سنڌ يونيورسٽي فرسٽ پوزيشن 1960 ع ، شهادة العالميه ( ايم اي) تنطيم المدارس 1984 ع عربڪ ريفريش ڪورس 2002 ع بغداد يونيورسٽي عراق منصب: خطيب جامع مسجد درگاه شريف حضرت پير سائين پاڳارا، پرنسپال ۽ شيخ الحديث جامعه راشديه درگاه شريف، مک خليفوچونڪي پار. اساتذه ڪرام : (1) مولانا مفتي محمد صاحبداد خان جمالي ( مفتي اعظم پاڪستان) (2) مولانا مفتي تقدس علي خان بريلوي (3) مولانا فقير محمد صالح مهر (4) اما م المعقول والمنقول علامه سيد حسين امام اختر (5) علامه مولانا ڪريم بخش دايو(6) علامه مفتي عبدالصمد ميتلو رحمهم الله تعالى

استادي جو سلسلو: حضرت علامه مفتي محمد صاحبداد جمالي ، مولانا محمد صالح مهر جي توسط سان علامه مفتي محمد قاسم ياسيني ، مولانا محمد يعقوب ، علامه عبدالحليم ڪنڊوي ، محمد عاقل شاه هالاڻي کان ٿيندو امام العارفين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جي استاد مخدوم محمد آريجوي ۽ اتان علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي معرفت علامه سعد الدين تفتازاني تائين پهچي ٿو. ۽ ٻئي طرف حضرت علامه مفتي تقدس علي خان وٽ پڙهڻ ڪري صرف هڪ واسطي سان امام العصر مولانا شاه احمد رضا خان بريلوي تائين پهچي ٿو.

بيعت ۽ خلافت : سائين مفتي صاحب جن جا وڏا ناننگ جي طرفان ست پيڙهيا درگاه شريف جا مريد هئا، پاڻ پنهنجي ناننگ جي صحبت سان حضرت پير سائين پاڳارا جن جي مريدي ۾ داخل ٿيا . حضرت پير سائين جن جا خليفا هجڻ سان گڏ چونڪي پار ( شڪارپور ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ بلوچستان) جا مک پڻ آهن. علمي اعزاز: شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڊيڪٽ جا ميمبر ، جمعيت علماءِ سڪندريه جا سابق صدر، ماهوار الراشد جا چيف ايڊيٽر ، تنطيم المدارس ( اهل سنت) پاڪستان جا صوبائي نائب ناظم . نمايان ڪارناما: سيرت رسول ﷺ تي مقالو (1960ع طالب العلمي جي دور ۾ لکيل مقالو، جنهن پوري صوبي ۾ اول نمبر حاصل ڪيو.) فاضل عربي ( سنڌ يونيورسٽي ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ ) ۽ 27 ڏينهن ۾ ڪلام پاڪ جو حفظ ۽ تروايح ۾ پڙهڻ . شايع ٿيل ڪتاب : ڪنز الايمان ( قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير) (2) خزانة المعرفت ( ترجمو ، ملفوظات پير سائين تجر ڌڻي) (3) اصغر سائين جو ڪلام ( پير سائين بنگلي ڌڻي جي شاعري ) (4) ديوان مسڪين فارسي ( ترجمو، پيرسائين تخت ڌڻي جي شاعري) (5) الحزب الاعظم ( ترجمو) (6) الزبدة شرح قصيده برده (7) رحمت ۽ برڪت جو پيغام ( پيرسائين پاڳاري جا خطاب ) (8) جامعه راشديه جا پنجاه سال (9) جامع الجوامع 1،2، ۽ 3 جلد ( پير سائين روضي ڌڻي جي فارسي لغت.