مستزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مستزاد (Mustazad) عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”وڌايل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اُهو شعر جنهن ۾ هر هڪ مصرع کان ٻہ يا ٽي موزون الفاظ قافيي وار وڌائي پيش ڪيل هجن ۽ اهو وڌايل ٽڪرو ان شامل مصرع سان هم قافيه هجي. البت وڌايل ٽڪرو قافيي کان بغير بہ آڻي سگهجي ٿو، پر بهتر ائين آهي تہ جنهن مصرع جو وڌايل ٽڪرو هجي، اهو انهيءَ مصرع جي قافيي سان برابر هجي. اهڙي شعر کي ”ڏيڍو شعر“ چئبو آهي. اهڙي قسم جون ٻہ مصرعون گڏڻ سان هڪ بند ٺهندو آهي ۽ ائين ڪجهه بند ملائي هڪ نظم تيار ڪيو ويندو آهي؛ جنهن جي پهرئين بند کي غزل وانگر ”مطلع“ چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.