محمد صديق پرهيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد صديق پرهيار (Muhammad Siddique Parhyar) ولد محمد هاشم پرهيار 1936ع ۾ ڳوٺ گهنور پرهيار ( موجود تعلقي قاضي احمد ضلعي نواب شاهه) ۾ پيدا ٿيو. استاد محمد عثمان ڀنگر جي مدرسي ۾ قرآن شريف، فارسي۽ عربي جي ابتدائي تعليم ورتائين. هو سنڌي فائنل ۽ سنڌي ادب پاس هو. 1956ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن ۾ 1964ع کان وٺي آخر تائين مختلف عهدن تي رهيو. ضلعي نوب شاهه جو صدر تعلقي موري ۽ ضلعي نواب شاهه جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. هن کي ابتدا کان وٺي ڊرامن سان دلچسپي هئي، 1957ع ۾ موري ڀرسان ساوڙي ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو لالا مجنون ۽ 1959ع ۾ انگريزي ڊرامي ٽيلمسن جو ترجمو ٿيل ڊرامو اسٽيج ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ شاهه لطيف آرٽ ڪائونسل مورو قائم ڪري ان طرفان 300 کان مٿي ڊراما اسٽيج ڪيائين. خود به سٺو ڊراما نگار هو. هن 200 کن ڊراما لکيل آهن۽ هڪ ئي وقت هدايت ڪار، صداڪار، اداڪار هو. سندس ڊرامٽڪ سوسائيٽي ۾ ڪيترائي استاد ۽ فنڪار شامل هئا. هن جي اسٽيج ڊرامن مان هيٺيان مشهور آهن؛ جاهل، چرٻٽ جو موت، عمر مارئي، پٿر، ميان نور محمد ڪلهوڙو، سسئي پنهون، ليليٰ مجنون، مارئي جون ست راتيون، ڪاتي هيٺيان ڪنڌ، طوفان جي تمنا، مفت جو ڦل، ميندي رتا هٿ، قرباني، آخري گولي، ڪين چري کي چور، دوست دشمن ۽ سونٽي کي سلام. محمد صديق پرهيار سنڌي ادبي سنگت موري جو سڪريٽري رهيو ۽ ڪيترائي ادبي حلقي ۾ وڏي عزت ۽ اهميت حاصل هئس. کيس پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. محمد صديق پرهيار دم جي بيماري سبب 25 اپريل 2008ع تي موري ۾ وفات ڪيائين.