مائي ڌائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مائي ڌائي, مائي ڍائي (انگريزي ٻولي: Mai Dhai) سنڌ جي ٿر جي علائقي عمرڪوٽ جي لوڪ فنڪاره آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو 8 جي لاءِ مائي ڌائيءَ سيف سميجو سان گڏ ٻه گانا ريڪارڊ ڪرايا ۽ ان کان پوءِ ڏاڍي مشهوري ماڻي آهي.

مائي ڍائي ٿر جي صحرا جي ڍاٽڪي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ گيت ڳاتا آهن. هن سنڌ سان گڏ پرڏيھ ۾ خاص طور آمريڪا ۾ ڳائي نالو ڪمايو آهي. سندس خاندان مڱڻهار آهي جيڪو اصل راجستان جو هو پر ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان لڏي آيا.[1]

شروعاتي حياتي[سنواريو]

مائي ڌائي جو جنم برطانوي دور جي هندستان جي رياست راجسٿان جي ضلعي ٻاڙمير ۾ ٿيو. پنهنجي ماءُ خندا ٻائي کان مائي ڌائيءَ گانا ڳائڻ سکيا، جيڪا شادين وغيره ۽ ٻين فنڪشنن ۾ لوڪ گيت ڳائيندي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس خاندان ٿر جي علائقي ۾ رهڻ لڳو. ماءُ جي وفات کان پوءِ مائي ڌائي به لوڪ گيت کائڻ شروع ڪيا.[2]

سنڌي شاعر ۽ سياستدان سردار شاهه کيس حيدرآباد ۾ انٽروڊيوس ڪرايو هو. منفرد ۽ بي مثال يگاني آواز سبب آهستي آهستي سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي وئي.

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 8[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪوڪ اسٽوڊيو (پاڪستان)

مائي ڌائيءَ موسيقيءَ جي مشهور پروگرام ڪو ڪ اسٽوڊيو جي اَٺئين سيزن ۾ ٻه گانا ڳايا، جنهن کان پوءِ کيس سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي سڃاڻپ ملي.[3]

حوالا[سنواريو]