لياقت نيشنل اسپتال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ هڪ خانگي اسپتال آهي. لياقت نيشنل اسپتال اسٽيڊيم روڊ، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان ۾ واقع آهي.[1][2][3][4]

تاريخ[سنواريو]

آزاديءَ کان جلد پوءِ ريڊ ڪراس فيسٽيول ڪميٽي، جنهن جي صدارت سيد واجد علي شاھہ ڪئي هئي، رعنا لياقت علي خان جي رهنمائيءَ هيٺ مينا بازارن ذريعي اٽڪل 800,000 رپيا گڏ ڪيا. خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪميٽي ڪراچي پاڪستان ۾ نيشنل اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد 23 فيبروري، 1953ع تي اسپتال جو پيڙهه جو پٿر رکيو، جنهن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا 16 آڪٽوبر، 1958ع تي ان جو افتتاح ڪيو. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم نوابزاده لياقت علي خان جي ياد ۾، جنهن کي 1951 ۾ قتل ڪيو ويو، نيشنل اسپتال جو نالو بعد ۾ لياقت نيشنل اسپتال رکيو ويو.

سيد واجد علي کي 5 نومبر، 1958ع تي شهرين، مخير حضرات، ٽيڪنوڪريٽن ۽ سرڪاري عملدارن جي هڪ ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو، جيڪو 2008ع ۾ پنهنجي وفات تائين ائين ئي رهيو. سال 1978ع ۾ هی ادارو تعليم جي ميدان ۾ داخل ٿيو. اڄ اهو هڪ اهم پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو ھک نرسنگ اسڪول، فزيوٿراپي ۽ ریھیبیلی ایشن اسڪول، هڪ ڪاليج آف ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنالاجي ۽ خدمتن جي اسپيڪٽرم ۾ ٽيڪنيڪل ڪورسز پيش ڪري ٿو. هاڻي، اسپتال 700 بسترن تي مشتمل آهي۔ 32 خاص خدمتون، تشخيص ۽ علاج جون سهولتون مهيا ڪن ٿيون. اسپتال ۾ رهائشي تربيتي پروگرام آهي، جيڪو موجوده مضمونن جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو.

ریڪگنیشن[سنواريو]

ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان پاران فيلوشپ لاءِ تسليم ٿيل، بشمول ڊسيپلين جيڪي پڻ برطانيه ۾ رائل ڪاليجز پاران سڃاتل آهن.

شعبا[سنواريو]

اسپتال ۾ ايم آر آئي مشينون، پيٿالاجي ليبارٽري جون سهولتون، اضافي ايگزيڪيوٽو II ۽ III وارڊ، سي سي يو، ايم آئي سي يو، ڊائلسز مشينون ۽ وينٽيليٽر آهن. هڪ آپريشن ٿيٽر، انتهائي سنڀال يونٽ ۽ ٽرانسپلانٽ يونٽ ڪمپليڪس تعمير هيٺ آهن.

طبي شعبا[سنواريو]

• طبي ۽ لاڳاپيل

• ڪارڊيالوجي

• چیسٽ ڊيپارٽمینٽ

• ڊرماٽولوجي

• ذیابيطس، اینڊوڪرائنولوجي ۽ ميٽابولزم

• گيسٽرو اينٽیرولوجي

• عام دوائون

• نیفرولوجی (گردی جی بیمارین جو علاج)

• نيورولوجي (اعصابی بیمارین جو علاج)

• آنڪولوجي (ڪينسر جو علاج)

• ٻارن جو علاج

• نفسيات

• روميٽولوجي

سرجری[سنواريو]

• حادثو ۽ ايمرجنسي

• اینیستھیسیا ۽ ڪلینیڪل ڪیئر

• سيني جي سرجری

• ڪارڊيوٿوراسڪ سرجري

• دندان سازي ۽ میڪسیلوفیشیل سرجري

• ای.این.تی ء سر ۽ گردن جي سرجري

• گائنيڪالوجي ۽ پرسوتيٽرڪس

• جنرل سرجري

• اکين جی سرجری

• آرٿوپيڊڪ سرجري

• پلاسٽڪ سرجري

• ٻارن جي سرجري

• اسپينل ۽ نيورو سرجري

• يورولوجي

• ويسڪیولر سرجري

• تشخيص

• بايو ڪيمسٽري

• هيماتولوجي ۽ بلڊ بئنڪ

• هسٽوپيٿولوجي

• ليبارٽري سیمپل گڏ ڪرڻ جو مرڪز

• مائڪروبيالوجي

• ماليڪيولر پیتھالوجی

• ريڊيالاجي (ایڪسري ء سی ٹی اسڪین ڊپارٽمينٽ)

• ٻيا ڪلينيڪل ڊپارٽمينٽ

• فارميسي

• جسماني ورزش ۽ بحالي

بنيادي سائنس[سنواريو]

• اناتومي

• بايو ڪيمسٽري

• ڪميونٽي میڈیسن

• فارنزڪ میڈیسن

• فزیالاجی

• پيٽولوجي ۽ مائڪروبيولوجي

• دواسازي ۽ علاج

ٻيون خدمتون[سنواريو]

• اڪيڊمڪ ڪائونسل

• صحت جي معلومات جي انتظام جون خدمتون

• غذائي ۽ کاڌي جون خدمتون

• طبي تعليم

• سماجي خدمتن جو کاتو

سهولتون[سنواريو]

• ڏينهن جي سنڀال جو مرڪز

• گهر صحت جون خدمتون

• لائبريري

• بحالي

• ريسرچ ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ سينٽر

• فٽنيس سينٽر

• راندين جو ميدان

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named GoodOldKarachi
  2. Liaquat National Hospital confers degrees upon 188 MBBS students The Express Tribune (newspaper), Published 23 September 2019, Retrieved 22 August 2020
  3. Liaquat National Hospital offers post-Taraveeh OPD facility The News International (newspaper), Published 24 May 2018, Retrieved 22 August 2020
  4. 188 doctors get degrees at LNHMC sixth convocation Dawn (newspaper), Published 23 September 2019, Retrieved 22 August 2020