مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

قيقان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قيقان(انگريزي: Qiqan) عربن جو دؤر ۾ سنڌ جو ھڪ تاريخي شھر جيڪو ڦٽي ويو.ابن اثير عباسين جي دور جي سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هي اُهو زمانو آهي جو مسلمانن جو سياسي اثر اوڀر جي سڀني ٻين شهرن وانگي سنڌ تي پڻ پئجي ويو هو ۽ سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو دمشق ۽ عراق ۾ وڃي ساڪن ٿيا هئا ۽ خلافت جي لشڪر ۾ پڻ ڀرتي ٿي چڪا هئا ۽ ٿيندا رهيا. سن 122 هجري ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جو پوٽو زيد بن علي بن حسين شهيد ٿيو تڏهن جيڪا فوج هن جي مقابلي لاءِ رواني ڪئي ويئي هئي ۽ جنهن هن کي گهيرو ڪري ورتو هو تنهن ۾ ٽي سؤ قيقاني به هئا (قيقان سنڌ جي علائقي ۾ هڪ وڏو مشهور تاريخي شهر هو) ۽ ان کان سواءِ زيد شهيد جو اهو ٻانهون يا غلام به سنڌي هو جنهن سندس قبر جو پتو دشمنن کي ڏنو ۽ جنهن جي سازش سان هن جي لاش قبر مان ڪڍي سندس سر وڍيو ويو ۽ ڌڙ سوري تي لٽڪايو ويو[1].126 ابن اثير لکي ٿو تہ:هجري ۾ خليفي وليد بن يزيد باغين جي گهيري ۾ ڦاسي پنهنجي ئي محلات جي اندر مارجي ويو. جنهن مرڻ وقت نهايت ڏک ۽ ارمان وچان هي ڪلمون زبان مان ڪڍيو ته ”يوما کيوم عثمان“ يعني اڄ به اهو ڏينهن آهي جهڙو ڏينهن حضرت عثمان تي مظلومي جون مصيبتون وٺي آيو هو. جن ماڻهن وليد کي گهر ۾ گهڙي ماريو تن ۾ هڪ سنڌي شخص به هو جيڪو اسلامي لشڪر ۾ وڏي اثر واري حيثيت رکندو هو.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي