قطب الدين ايبڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قطب الدين ايبڪ
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1150  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
وچ ايشيا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 4 نومبر 1210 (59–60 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
ٻار آرام شاهه  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
ڪٽنب غلام گهراڻو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو family (P53) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

(قطب الدين ايبڪ 1206ع کان 1210ع تائين)

هيءُ ترڪي نسل جو هو ۽ ترڪستان ۾ پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ ۾ هن کي ڪنهن اغوا ڪري نيشاپور جي قاضيءَ وٺ وڃي وڪيو، جنهن هن کي پنهنجي ٻارن کان گڏ مذهبي ۽ جنگي سکيا ڏني، قاضي صاحب جي وفات کانپوءِ سندن پٽن هن کي هڪ واپاري کي وڪيو جنهن هن کي وڃي محمد غوري وٽ مهانگي اگهه ۾ وڪيو. جيتوڻيڪ هن خوبصورت نه هو، پر پنهنجي بهادري جفاڪشي ۽ سخاوت جي ڪري پنهنجي مالڪ کي ڏاڍو وڻيو، مالڪ سان وفاداري ڪري هو فوج جو سپهه سالار بڻيو، ننڍي کنڊ جي جنگين ۾ هن محمد غوريءَ کي هن ايترو ته متاثر ڪيو، جو هن ترائن جي جنگ کانپوءِ کيس سمورن علائقن جو حاڪم مقرر ڪيو.

سوڀون[سنواريو]

1192ع ۾ هن اجمير ۽ ميرٺ جي بغاوت کي دٻائي ڇڏيو، 1194ع ۾ پنهنجي مالڪ سان گڏجي هن قنوج جي حاڪم جئي چند تي حملو ڪري، هن کي شڪست ڏئي 1197ع ۾ گجرات ۾ انهلواڙا جي راجا ڀيم ديو سولنڪيء کي شڪست ڏني، 1199ع ۾ هن مالوه فتح ڪيو، 1202ع ۾ بنديل کنڊ ۾ ڪالنجر جي قلعي کي گهراءُ ڪيو ۽ قلعو فتع ڪري ڪافي دولت هٿ ڪئي.

تخت نشيني[سنواريو]

محمد غوريءَ جي شهادت کان پوءِ ان جو ڀائيٽو غياث الدين محمد غور جو حڪمران ٿيو هن قطب الدين کي سلطان جو لقب ڏنو ۽ غلاميءَ کان آزادي ۽ حڪومت جي اخيار جو پروانو ڏنو محمد غوريءَ جي مرضي جي مطابق، هو ننڍي کنڊ جي اسلامي حڪومت جو بادشاهه بڻيو ۽ هن جي تاجپوشي جي رسم 24 جون 1206 تي لاهور ۾ ٿي ۽ مسجد جي ممبر تي هن جي نالي جو خطبو پڙهيو ويو، ۽ سندس نالي جو سڪو جاري ڪيو ويوسلطنت ۾ جن پاڻ کي حصيدار ٿي سمجهيو، هن تن سان مائٽي قائم ڪري انهن سان خوشگوار ناتا قائم ڪيا.

وفات[سنواريو]

قطب الدين 1210 ۾ لاهور ۾ پولو راند کيڏندي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو.

قطب الدين جو ڪردار[سنواريو]

قطب الدين هڪ انتهائي مزاج بادشاهه هو، هو رحمدل ۽ بيحد سخي هو، سندس سخاوت جي ڪري کيس ”لک بخش“ ڪري سڏيندا هئا، هن ملڪ جي اندروني تحفظ جو سٺو انتظام ڪيو، تاج المائر جو مصنف هن جي شان ۾ لکي ٿو، ته ”سلطان پنهنجي عوام سان پورو انصاف ڪندو هو هن پنهنجي سلطنت ۾ امن امان قائم رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن جي حڪومت ۾ خزاني تي پهريدارن جي ضرورت نه هوندي هئي هن جي دور ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جي پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نه هو“. قطب الدين ڍل شريعت جي عين مطابق، يعني پيداوار جو ڏهون حصو مقرر ڪئي، جنهن ڪري رعيت جي خوشحالي ۾ اضافو آيو، قطب الدين هڪ بهادر سپاهي ۽ اعليٰ درجي جو سپهه سالار هو، هن ڪيترين ئي جنگين ۾ شرڪت ڪئي، قطب الدين کي اڏاوت جي فن جو ڏاڍو شوق هو، هن ڪيتريون عمارتون تعمير ڪرايون جهڙوڪ دهلي جي قوت اسلامي مسجد، قطب مينار وغيره.