قصيدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قصيدو __(Eulogization)

”قصيدو“ عربي لفظ ”قصد“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ارادو ڪرڻ، بيان ڪرڻ يا ساراھ ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب اهڙو شعر جيڪو ڪنهن جي ساراھ ۾ چيل هجي. هيءُ صنف سنڌي شاعري ۾ عربي شاعري کان آيل آهي. قصيدي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شعر هوندا آهن. اهي هڪ سئو کان وڌيڪ هم وزن شعر، جن مان پهرئين شعر يعني ٿلھ جون ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ۽ ٻين شعرن جي فقط پوئين سٽ پهرئين شعر يعني ٿلھ جي ٻنهي سٽن سان هم قافيه هجي. قصيدو ان نظم کي چيو ويندو اھي جنھن ۾ ڪنھن جي تعريف ڪئي وڃي. ان سان گڏ قصيدي ۾ بھار جو ذڪر بھ ايندو اھي. ھن ۾ شعرن جو تعداد مقرر نھ ھوندو اھي، قصيدي ۾ تمهيد، تشبيب ۽ تحقير به ٿئي. تمهيد شروعاتي شعر، تشبيب ساراھ ۽ تحقير ۾ شخص جي گهٽ وڌائي بيان ٿيل هوندي آهي. قصيدي جي حوالي سان مير عبدالحسين سانگي (1851-1942ع)، مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)، محمد ھاشم مخلص (1860-1924ع) وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا.[1].[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "قصيدو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-18.