قاضي انور احمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قاضي انور احمد ولد قاضي محمد هاشم، 18 ڊسمبر 1934ع تي موري ۾ ڄائو.

تعليم[سنواريو]

بي. اي ( آنرز )، ايل. ايل. بي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. سنڌي زبان ۽ ادب سان گهري دلچسپي رکندو هو. هڪ سٺو مضمون نگار ۽ افسانه نويس پڻ هو. سندس ڪيترائي مضمون ”نئين ۽ نرالي دنيا“ جي نالي سان 53 1952ع ڌاري روزنامه ”نواءِ سنڌ“ ۾ ڇپيا. مهراڻ آرٽس ڪاليج مورو، جنهن سوسائٽيءَ طرفان هلندو هو، قاضي صاحب ان جو صدر هو. 1960ع ۾ ”تعارف نفسيات“ جي نالي سان نفسيات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل اٿس.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]