فقير ارشاد علي جلالاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير ارشاد علي -جلالاڻي-، سن 1927ع ۾ ڳوٺ -جلالاڻي-، تعلقي ڪوٽ ڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي ويراڳ سان دل هوندي هئي. راتين جون راتيون فقراءَ سان گڏ ويراڳ ۾ گذاريندو هو. سندس طبيعت تمام سادي هئي. سدائين مرڪندو نظر ايندو هو. سندس وصال 1987ع ۾ ٿيو. چڱو شاعر هو، ڪيترو ڪلام چيائين جيڪو سندس درگاهه تي سندس ڪلام جو قلمي صورت ۾ موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]