فتح پور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فتح پور: (سنڌ) سنڌ جو ھڪ اڳوڻو تاريخي شھر. سنه 925ھ (سنه 1519ع) ۾ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار مان شال ۾ آيو ۽ آسپاس جا ماڻهو پاڻ سان ڪري سيويءَ تي ڪاهيائين، تڏهن سيويءَ جي قلعي جا ماڻهو سڀ ڀڄي فتح پور ۾ ويا، جو شهر اتان پنجاهه ڪوهن تي هو. شاه بيگ فتح پور تي ڪاه ڪئي. اتي سيويءَ جو حاڪم پيرولي برلاس اچي پهتو ۽ سندن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ شاه بيگ فتحياب ٿيو. وري ٻئي سال ۾ شاه بيگ فتح پور ۽ گنجابه _گندا واهه) ۾ لشڪر گڏ ڪري دريا خان سان وڙهڻ لاءِ آيو، جو ڄام فيروز جي لشڪر جو مهندار هو. سنه 390ھ (سنه 1523ع) ۾ اڪبر بادشاهه مجاهد خان کي سلطان محمود خان سان وڙهڻ لاءِ موڪليو ۽ فتح پور هن کي جاگير ڪري ڏنائين. سنه 1113ھ (سنه 1706ع) ڌاري ميان دين محمد جي ڏينهن ۾ فتح پور جو سردار مير پنوهر هو. ڪلهوڙن فتح پور وڃي ورتو، تنهنڪري هو دهليءَ جي بادشاهه ڏي دانهين ويو. جڏهن ميان دين محمد بادشاهي لشڪر سان وڙهندي پڪڙجي پيو ۽ فتح پور پنوهرن کي مليو، تڏهن ميان يار محمد وري فتح پور پنوهرن کان ورتو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو