عناب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عناب (عربي: عناب، فارسي: شمدانہ، ھندي/اردو وغيره: بير سرخ، دفيرف، سنجد ۽ خراساني) ٻير کان ڪجهہ وڏيرڙا ڳاڙهي رنگ جا ٿوري ڊگهائيءَ سان داڻا ٿين ٿا

طب[سنواريو]

خاصيت: گهاٽي رت کي صفا ڪن، بدن جي خارش لاهين، کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائين. گهاٽن خلطن جو منضج آهي. کنگهہ، دمڪشي، سيني ۽ جگر جي سور، نڙي جي سور ۽ آواز صفا ڪرڻ لاءِ، سوڄن، سورن ۽ تپن ۾ مفيد آهي. دستن کي دفع ڪري ٿو، سيني ۽ ڦڦڙن ۾ ڄميل گهاٽي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.