علي نواز آريسر
هي سانچو غلط جڳهہ آهي. ان جو لاڳاپو ڳالهه ٻولهه تي آهي:
هن مضمون ۾ زندهہ ماڻهوءَ جي سوانح حيات (BLP) جي پاليسي جي پيروي ڪرڻ ضروري آهي.
توڙي جو هيءَ هڪ بايوگرافي ناهي، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ جيئرو ماڻهوءَ جي باري ۾ مواد شامل آهي. اهڙي زندهہ فرد جي باري ۾ تڪراري مواد جيڪو غير منطقي طور تي حاصل ڪيو ويندو آهي، ان کي مضمون ۽ ان جي بحث صفحو (ٽاڪ پيج) تان تُرت هٽايو وڃِي، خاص طور تي جيڪڏهن حوالا ڪمزور ڏنل آهن يا امڪاني طور تي بدناميءَ جو جهڙو استعمال ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن اهڙو مواد هر ڀيري داخل ڪيو ويندو هجي، يا جيڪڏهن توهان کي ٻئي ڪا پرواهه آهي تہ، مهرباني ڪري هن نوٽيس بورڊتي ان مسئلي جو اطلاع ڏيو. جيڪڏهن توهان هن مضمون جو عنوان آهيو، يا ڪنهن جي طرفان ڪم ڪري رهيا آهيو، ۽ توهان کي مدد يا سهائتا جي ضرورت آهي تہ، مجهرباني ڪري مهي مدد وارو پَنو (صفحو) ڏِسو. |
علي نواز آريسر، 30 مارچ 1982ع تي ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ وائوڙي/انڙآباد سان تعلق رکندڙ محمدقاسم آريسر جي گھر ۾ جنم ورتو. ننڍي عُمر ۾ 15 کان مٿي ڪتاب لکندڙ علي نواز آريسر جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني عبدالواحد آريسر جو ويجهو مائٽ آهي. علي نواز سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪئي آهي ۽ ايم.فِل ريسرچ ورڪ هلندڙ آهي. پاڻ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ ”پروگرام اسسٽنٽ“ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
تعليم[سنواريو]
علي نواز آريسر پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول محمد قاسم آريسر مان 1992ع ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 1998ع ۾ ۽ انٽرميڊيئٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 2001ع ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي. اي (پرائيويٽ) ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان 2003ع ۾ ۽ سنڌيونيورسٽيءَ مان سال 2010ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيائين، هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.فِل سنڌي ادب ۾ ڪري رهيو آهي، سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ”سنڌي سفرنامي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو“ آهي.
ادارن جو ميمبر[سنواريو]
نئين ٽهيءَ جي نوجوان اديب ۽ نقاد علي نواز آريسر سماجي توڙي ادبي تنظيمن ۾ به پنهنجون سرگرميون جاري رکيون آهن، جن ۾ ڪنوينر - سنجها پبليڪيشن قاسم آباد، ميمبر، ڀٽائي ادبي فورم ڇور، ايڊيٽوريل بورڊ ميمبر، ماهوار ’ڪينجهر‘ حيدرآباد، سلسليوار ’فرينڊس‘ مئگزين حيدرآباد ۽ سلسليوار ’سامروٽي‘ مئگزين ٿرپارڪر شامل آهن. ان کانسواءِ هي صحافت سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ ’سافڪو‘ اين جي او ۾ به ڪم ڪري چُڪو آهي. ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اداري ’ساحل‘ نيوز ليٽر اسلام آباد پاران عمرڪوٽ جو خصوصي ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.
ادب ۾[سنواريو]
علي نواز آريسر ننڍي عُمر ۾ 16 ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ :
ڪتاب جو نالو | صنف | سال | ادارو |
---|---|---|---|
زندگي آزادي ۽ محبت | (عبدالواحد آريسر جون لکڻيون: ترتيب) | 2009ع | سنجها پبليڪيشن، قاسم آباد |
مانجهي مڻيادار | سوانح | 2011ع | سنجها پبليڪيشن، قاسم آباد |
قومي تحريڪ جا شهيد[1] | خاڪا | 2014ع | سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد |
جي مون سانڍيا ساهه ۾[2] | خاڪا | 2014ع | سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد |
بهار آندا پُٽن جا لاشا | ڀريا سانحو: ترتيب | 2014ع | سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد |
چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو | صادق فقير بابت: زاهد اوٺي سان گڏ ترتيب | 2015ع | سنجها پبليڪيشن، قاسم آباد |
سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو | ادبي تاريخ | 2016ع | سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد |
عشق ۽ محبت جو سفير: سرور سهتو | ترتيب | 2016ع | ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد |
سنڌ هِتي سنڌ هُتي[3] | ادبي تاريخ | 2017ع | انڊيا پريس اُلهاسنگر |
ويو وڻجارو اوهري: چاچا قاسم سومرو | ترتيب | 2018ع | چاچا قاسم سومرو يادگار، ڪميٽي |
جڏهن ته علي نواز آريسر جي اڻ_ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
- ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران منظور ٿيل)
- سنڌي ٻولي ۽ لاڙي لهجو (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران منظور ٿيل)
- سنڌ جي ملهه پهلوان جي تاريخ (احسان لغاري سان گڏ ترتيب) اينٽيڪُئيٽيز ڊپارٽمنٽ پاران منظور ٿيل
- سون ورني سنڌڙي (ناول)
- سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ڀاڱو ٻيو)
ان کانسواءِ علي نواز آريسر جا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. علي نواز آريسر حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
علي نواز آريسر جا سنڌسلامت ڪتاب گھر تي ٻيا ڪتاب آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا[سنواريو]
- ↑ قومي تحريڪ جا شهيد (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-03-10
- ↑ جي مون سانڍيا ساهه ۾ (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-03-10
- ↑ سنڌ هِتي، سنڌ هُتي (علي نواز آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر[مئل ڳنڍڻو]