عزيز ڀنگوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عزيز ڀنگوار، (Aziz Bhangwaar) جنهن جو ڇٺيءَ جو نالو ”آچر“ هو، سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ ”حاجي صيفل خان“ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. هاءِ اسڪول تائين تعليم سانگھڙ ضلعي جي ننڍڙي شهر ”کڏڙي“ (Khhaddrray) مان حاصل ڪيائين، اتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1968ع ۾ ”گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھ“ ۾ فرسٽ ايئر لاءِ داخلا ورتائين. جتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي سياست ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن جي ڪارڪن طور اڀريو، سندس چواڻي تـ” مون کي سياست ۾ آڻيندڙ دوست شاھ محمد شاھ آهي“ دوران ڪارڪن هو ڪيترائي ڀيرا گرفتار پڻ ٿيو. 1967ع کان پوءِ هلايل شاگردن جي قومي تحريڪ ۾ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي قومپرست سياست جي شروعات ڪئي

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب” ديدار دل داستانِ محبت“ ۾ هن جو نالو محب وطن ماڻهن جي لسٽ ۾ لکيو آهي. جڏهن تـ عزيز ڀنگوار پنهنجي لکيل ڪتاب ” مان ڏوهي هان“ ۾ پاڻ کي هڪ غدار ۽ خودپرست شخص چيو آهي. هن جي چوڻ مطابق تـ هن سنڌيت جو ڪوڙو لباس پهري عوام آڏو پنهنجو نالو ڪڍائڻ خاطر اهو سڀ ڪجهه ڪيو.

12نومبر 1977ع ڌاري کيس برادري جي ڪنهن ذاتي تڪرار جي نتيجي ۾ سندس ذات برادريءَ جي مخالفن نوابشاھ ۾ ڄام صاحب روڊ تي ڪهاڙين جا ڌڪ هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ عزيز هيٺئين ڌڙ کان معذور ٿي ويو، جنهن جي لاءِ هُن جو چوڻ آهي ته هُن ڌرتيءَ ماءُ کي رنجايو آهي، جنهن جو هي نتيجو آهي. ان معزوري واري صورت حال ۾ پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ شعوري ۽ لاشعوري طور ڪيل ڏوهن جو اعتراف پنهنجي ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ ۾ لکيو.

عزيز ڀنگوار جڏهن قومپرست سياست کان مُنهن مُوڙي ان وقت جي وزيراعليٰ غلام مصطفا جتوئي جي ڪيمپ ۾ شامل ٿيو ۽ ان کانپوءِ سندس شفقت سان اِي ٽِي اُو مقرر ٿيو.

عزيز ڀنگوار پنهنجي ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ ۾ اّرپنا هن طرح لکي آهي تہ:

1. سنڌ امڙ: جنهن جي پوتر مٽي مان جنم ورتو ۽ ان جو پورو قرض چڪائي نہ سگهيس. اڄ جڏهن ماتا ناراض آهي تہ منهنجا قدم بہ ڌرتي ماتا تي وزن ٿيل آهن“

2. رهبرِ سنڌ جي ايم سيد: (جنهن ڌرتي سان پيار ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ اميدون رکي پنهنجي ڪتاب ”دياردل - داستان محبت“ ۾ مونکي محب وطن ماڻهن لکيو پر ان سان ڪيل قول بہ پاڙي نہ سگهيس.

3. پنهنجي جيون ساٿي رشيده: (جنهن مونسان دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو. ويندي معزوري ۾ بہ دل جو آٿت ۽ گهر جو سهارو ٿي مان ان لاءِ بہ .............. ۽ محبت جي عدالت ۾ بہ ڏوهي آهيان.)

عزيز ڀنگوار کي ٻـ پُٽ طارق عزيز ۽ ڪاشف عزيز آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب؛ مان ڏوهي هان