عزاداري امام حسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عزاداري امام حسين عليه السلام ھڪڙي قسم جي سوڳواري يا يادگيري آهي جيڪا امام حسين عليه السلام ۽ ان جي اصحابن ۽ ساٿين جي ياد ۾ ڪئي ويندي آھي. اھو واقعو سنه 61 ھجري ڪربلا جي مقام تي جيڪو هن وقت عراق جي ملڪ ۾ واقع آهي، اتي پيش آيو ھو. اھا عزاداري يا سوڳواري فقط محرم جي مھيني سان مخصوص ناهي بلڪه سال جي بين ڏينھن ۾ به مختلف ثقافتن ۽ رسمن سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي ويندي آهي. امام حسين عليه السلام جي سوڳواري محرم مھيني جي آغاز سان شروع ٿيندي آھي ۽ عاشور يعني ڏھين محرم جي شام تائين اھا وڏي پيماني تي انجام ڏني ويندي آهي. جيڪا غروب جي ٽائيم تي ختم ٿيندي آھي ان وقت کي شام غريبان جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. اھا عزاداري 12 محرم تي به ڪئي ويندي آھي جيڪا امام جي ٽيجھي جي عنوان سان هوندي آهي. اها عزاداري 20 صفر تي امام حسين عليه السلام جي چھلم جي عنوان سان انجام ڏني ويندي آهي. ٽئين امام جي سوڳواري ڪرڻ شيعن جي نزديڪ وڏي اهميت ۽ عبادت ۾ شمار آهي.[1][2][3]

  1. سوگنامه آل محمد صلی الله علیه و آله|انتشارات=ناصر|نویسنده=محمدمهدی اشتهاردی|صفحه=6 تا 8|شابک=978-964-6683-03-7
  2. سرشک عزا بر سیدالشهدا علیه السلام|نویسنده=امین اوحدی|مترجم=محمدباقر محبوب‌القلوب|انتشارات=مؤسسه انتشاراتی طور تهران|صفحه=344 تا 351|شابک=978-964-6674-09-7
  3. عاشورا ریشه‌ها، انگیزه‌ها، رویدادها، پیامدها|نویسنده=سعید داوودی، مهدی رستم‌نژاد|انتشارات=مدرسه الامام علی بن ابی طالب علیه السلام|صفحه=47|شابک=964-8139-90-3}}