عرب معاشي ترقياتي ابُو ظهبي فنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عرب معاشي ترقياتي ابُو ظهبي فنڊ يا ابُو ڌابي فنڊ فار عرب ايڪنامڪ ڊيولپمينٽ (Abu Dhabi Fund for Arab Economic Development, ADAFAED) ابوظهبي جي حڪومت طرفان قائم ڪيل فنڊ، جيڪو آفريقا ، عرب ۽ ايشيا جي اُسرندڙ ملڪن ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ رعايتي قرضن جي ذريعي انهن ملڪن جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي وٺرائي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ خانگي ادارن ۽ حڪومتن کي امداد ۽ ڏيتي ليتيءَ جي مُوڙيءَ (Equity) لاءِ گهربل رقم ڏني وڃي ٿي. اهو فنڊ جولاءِ 1971ع ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته انهيءَ فنڊ سيپٽمبر 1974ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن مهل تائين ADAFAED طرفان 50 ملڪن جي سهائتا ڪئي وئي آهي . انهيءَ اداري جو مرڪز ابوظهبي ۾ آهي. تازو ئي فنڊ طرفان سُوڊان ۾ 70000 ايڪڙ زرعي زمين وٺي ڪري، اُتي مرچن، مڪئي ۽ جانورن جي چاري جا فصل اپائڻ جون رٿائون تيار ڪيون ويون آهن. [1]

حوالا[سنواريو]