عبد الله مگسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(عبدالله مگسي کان چوريل)
عبدالله مگسي
Abdullah Magsi
پيدائش عبدالله خان مگسي
ڊسمبر 17 1947(1947-12-17)

ڳوٺ گل محمد مگسي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 1 اپريل 1993 (عمر 45 سال)

ڪراچي
ڌنڌو پروفيسر ،ليکڪ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي سياسيات
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف مضمون،تاريخ
مُکيه ڪم سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو

پروفيسر عبدالله مگسي انگريزي (Professor Abdullah Magsi) (پيدائش: 17 ڊسمبر 1947ع--وفات: پهرين اپريل 1993ع)[1] سنڌ جو يگانو محقق، مؤرخ ۽ پروفيسر هو. هن ڪيترائي تاريخي ۽ تحقيق مضمون لکيا جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا.[2]

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

پروفيسر عبدالله مگسي پرائيمري استاد نبي بخش مگسي جي گهر ۾ 17 ڊسمبر 1947ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائيمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس خاندان دادو شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ايم اي سنڌ يونيورسٽيڄامشورو مان حاصل ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات ننڍ پڻ ۾ 1960ع ڌاري ڪئي. ڪرت جي حوالي سان اول PWD کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ تاريخي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. 1990ع ۾ ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿيو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

عبدالله مگسي ڪيترائي تاريخي ۽ تحقيقي مقالا لکيا جيڪي مختلف معياري رسالن ۾ ڇپيا. سندس تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” سنڌيڪا اڪيڊميڪراچي پاران 1994ع ۾ ڇپيو.

وفات[سنواريو]

عبدالله مگسي پهرين اپريل 1993ع ۾ آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.

حوالا[سنواريو]