ظرف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ظرف (Adverb) معنيٰ ٿانءُ يا ماپو آهي. گرامر ۾ ظرف اھو لفظ آھي جو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لڳي ان مان وقت، جاءِ، اقرار، انڪار ۽ ريت يا قدر جي معنيٰ ڏيکاري تنھن کي ظرف چئجي.[1]

ظرف جا قسم[سنواريو]

ھيٺ ظرف جا ڪجهہ قسم ۽ انهن جا مثال ڏجن ٿا:

ظرف تميز: اهڙا لفظ، جن مان ريت، قدر ۽ انداز جي معنيٰ نڪري، تن کي ظرف تميز چئجي ٿو. مثال طور: آهستي، تيز، بار بار، اتفاقاً، گهڻي قدر، جيئن جيئن وغيره.
ظرف زمان (Adverb of Time): اهڙا لفظ، جيڪي وقت جي معنيٰ يا مفهوم ظاهر ڪن ٿا، انهن کي ”ظرف زمان“ چئجي ٿو. مثال: اڄ، سڀاڻي، ڪالھ، پرين وغيره.
ظرف مڪان (Adverb of Place): اهڙا لفظ، جيڪي هنڌ، جاءِ، وقوع جي معنيٰ يا مفهوم نڪري، تنھن کي ”ظرف مڪان“ چئجي ٿو. مثال طور: هيٺ، مٿي، اندر، ٻاهر، هتي، هُتي، هيڏانهن، ڪيڏانهن وغيره.
ظرف نفي: اهڙا لفظ، جن مان انڪار جي معنيٰ نڪري، تن کي ”ظرف نفي“ چئجي ٿو. مثال طور: نہ، ڪونہ، ڪين، نڪي، متان وغيره.

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.