طباشير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طباشير (عربي: طباشير، فارسي: تپاشير، هندي/اردو وغيره: بنسلوچن، روسن، حورهِ البقر ۽ لوچن) بانس جي وڻ مان نڪرندو آهي، جو اٽي وانگر يا ننڍڙن ٽڪرن ۾ ٿيندو آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو. معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، جگر جي گرمي ۽ اُڃ جي گهڻائي کي گهٽائي ٿو، صفرا ۽ رت جي دستن کي بند ڪري ٿو. خفقان، گرم تپن، اُلٽين، دستن، وات جي پچڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. دماغ ۽ رحم جي رطوبتن کي سڪائي ٿو. مھارن جو سور لاهي ۽ انهن کي مضبوط ڪري ٿو[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.