صوتي تاثير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوتي تاثير (Phonetic Impression) معنيٰ کان الڳ ٿي بہ، هر لفظ جو پنھنجو خاص تاثر ٿيندو آهي، جنھن جو تعلق انهن حرفن جي آوازن ۽ ان جي ترتيب تي ٿيندو آهي، جن سان ڪو لفظ ٺھندو آهي. ڪو لفظ نچندڙ ۽ ڳائيندڙ نظر ايندو آهي ته ڪوئي روئندڙ نظر ايندو آهي. ڪنھن لفظ سان ذهن ۾ خوف تہ ڪنھن سان خوشيءَ جو تاثر ملندو آهي. لفظن جي اهڙن تاثرن کي “صوتي تاثير” چيو ويندو آهي. شاعر جيئن تہ لفظن کي استعمال ڪرڻ جا ماهر ٿيندا آهن، هو پنھنجي ذات ۽ هنر سان لفظن مان مختلف تاثير ڪڍندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.