صحت ڪندرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحت ڪندرو (عربي: ڪندر، فارسي: ڪندرورد، هندي/اردو وغيره: ڪندرو، ڪهر سفيروس، بستجر ۽ ساليڪا) مصطگيءَ وانگر هيڊي رنگ تي ذائقي ۾ ڪڙو کؤنر جو قسم آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: روح، معدي، جگر، دماغ ۽ حواسن کي طاقت ڏئي ٿو. وائي باديءَ کي تحليل ڪري، بواسير ۽ حيض جو رت بند ڪري، رت جي دستن، معدي ۽ رحم جي رطوبت کي سڪائي ٿو. کنگهہ، دمڪشي، ويسر، ڏندن جي سور ۽ مھارن جو سور، انهن جي مضبوطيءَ لاءِ، پيشاب جي گهڻائي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.