شيخ نوح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيخ نوح :(انگريزي: Sheikh Nuh ) بکر جي قلعي ۾ لينسڊائون پل جي سکر واري شاخ جي منهن وٽ ريلوي پٽي جي لڳ سفيد گنبذ جي اندر شيخ نوح رحه جي قبر آهي، جو شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي رحه جو خليفو هو. مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني، جڏهن شيخ شهاب الدين کان خرقو خلافت حاصل ڪري بغداد کان ملتان ڏانهن تڏهن حضرت شهاب الدين کيس چيو هو ته منهنجو هڪ مريد فرشته (بکر) ۾ رهي ٿو، تنهن سان ملاقات ڪجو. مخدوم بهاوءالدين ملتان پهچڻ کان پوءِ پنهنجي پير ڀائي سان گڏجڻ لاءِ بکر پهتو هو، پر سندس پهچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ مخدوم نوح وفات ڪئي هئي[1].[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. الوحيد اسپيشل نمبر جون 1936ع بيان مخدوم نوح رحه ڪراچي.
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ