شنڪر لالواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:Context سانچو:Use Indian English

شنڪر لالواڻي

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

شنڪر لالواڻي
ميمبر لوڪ سڀا
دفتر سنڀاليو
23 مئي 2019
حلقو لوڪ سڀا اندور شهر
اڪثريت 10,68,569 (65.59%) [1]
چيئرمين اندور ڊويلپمنٽ اٿارٽي
ذاتي تفصيل
پيدائش 16-10-1961
اندور مڌياپرديش
قوميت ڀارتي
سياسي جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي)
ٻار ٻچا 1
تعليم بي- ٽيڪ گريجويشن
ڪرت سياستدان
پيشو سياست دان ۽ واپاري

شنڪر لالواڻي (16 آڪٽوبر 1961) هڪ ڀارتي سياستدان ۽ اندور مان سترهين لوڪ سڀا جو ميمبر آهي. هن کان اڳ اندور ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي پڻ رهيو آهي.

ذاتي زندگي[سنواريو]

شنڪر لالواڻي 16 آڪٽوبر 1961ع تي جمنا داس لالواڻي ۽ گوري ديوي لالواڻي جي گھر اِندور مڌياپرديش ۾ جنم ورتو. هو هڪ سنڌي آهي جنهن جو ڪٽنب هندستان جي ورهاڱي کانپوء سنڌ مان لڏي هتي آيو. هن ٻارهين جو امتحان مڌياپرديش بورڊ مان 1978ع ۾ پاس ڪيو. هن بي-ٽيڪ (گريجوئيشن) ويرماتا جيجا بائي ٽيڪنالوجيڪل انسٽيٽيوٽ (بمبئي يونيورسٽي سان ڳنڍيل) مان ڪئي.

شنڪر لالوڻي امرتا لالواڻي سان 10 مارچ 1985 ع تي شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آهي.

ڪِرت[سنواريو]

هن وقت شنڪر لالوڻي اِندور شهر جي حلقي مان چونڊيل لوڪ سڀا جو ميمبر آهي. هي انهن ڪجهه سياستدانن مان هڪ آهي جنهن چونڊن 10 لکن کان وڌيڪ ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو. هن 2019ع جي لوڪ سڀا ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ سياست دان آهي. هن پنهنجي مخالف کي 5 لکن ووٽ کان هارايو. هن راهول گانڌي ۽ نريندر مودي کان به وڌيڪ ووٽ کنيا آهن.

ان کان علاوه شنڪر لالواڻي هيٺين عهدن تي خدمتون سرانجام ڏي چڪو آهي.

  1. 1994 - 1999: ڪارپوريٽر، اندور ميونسپل ڪارپوريشن
  2. 1999 - 2004: چيئرمين، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ، اندور ميونسپل ڪارپوريشن
  3. 2004 - 2009: چيئرپرسن، اندور ميونسپل ڪارپوريشن
  4. 2013 - 2018: چيئرمين، اندور ڊويلپمينٽ اٿارٽي
  5. مئي 2019 - اڄ تائين: چونڊيل ميمبر 17 هين لوڪ سڀا جو
  6. سيپٽمبر 2019 - اڄ تائين: ميمبر، اسٽينڊنگ ڪميٽي لوڪ سڀا شهري واڌاري جو

سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ورتل ڪوششون ۽ گُھرون[سنواريو]

  1. پهريون لوڪ سڀا ۾ سنڌي حلف کڻندڙ ميمبر[2]
  2. دور درشن سنڌي لاءِ ڪوششون[3]
  3. هندستان جي هڪ ڪروڙ سنڌين جي واڌري سنڌي ڪلياڻ بورڊ جي قيام جي گُھر.[3]
  4. سنڌي سڀيتا جي بچاءَ لاءِ راشتيا سنڌي سنسٿا (صوبائي سطح سنڌي سنسٿا) قيام[3]
  5. 26 جنوري (ڀارت جي يومِ جھموريه) تي سنڌين نمائندگي لاءِ سنڌين جي جھاڪي نڪرڻ گھرجي.[3]
  6. سنڌي سماج جي ماڻهن لاءِ هڪ پرديش (صوبو) ڏنو وڃي.[3]
  7. سنڌي ٻولي وڪاس (واڌاري/ترقي) لاءِ سنڌي يونيورسٽي جي قيام جي گُھر.[3]
  8. سنڌين اشت ديو ڀگوان جھولي لال جي جنم ڏينهن ( چيٽي چنڊ) تي موڪل جي گھُر.[3]
  1. "General Election 2019 - Election Commission of India". results.eci.gov.in. وقت 8 June 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 September 2019. 
  2. Indian Politician Taking oath in Sindhi Language, حاصل ڪيل 2020-04-10 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 Shri Shankar Lalwani raising 'Matters of Urgent Public Importance' in Lok Sabha, حاصل ڪيل 2020-04-10