سيف الملوڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيف الملوڪ
غوري ايمپائر جو سنڌ ۾ پھريون گورنر
1186 ع يا 582ھ کان تائين
پيشرو غزنوي ايمپائر جو سنڌ ۾ آخري گورنرحسين بن ابراهيم
جانشين دھلي جي غلام گھراڻي جي ايمپائر جو گورنر ناصرالدين قباچو
ريجنٽ سلطان شھاب الدين غوري
پورو نالو
سيف الملوڪ
مذھب اسلام

سيف الملوڪ: سلطان شهاب الدين پنهنجي هڪ فوجي جرنيل قطب الدين ايبڪ کي لشڪر سان گڏ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو. قطب الدين ايبڪ سنڌ کي ٽن مهينن اندر فتح ڪري ۽ سنڌ جون واڳون سيف الملوڪ کي ڏئي پاڻ دهلي هليو آيو. سيف الملوڪ (هجري سنه 582-1186ع) جيئن قطب الدين کي ترت دهليءَ تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم مليو، تنهن ڪري هو سيف الملوڪ کي ملتان ۽ سنڌ جو گورنر مقرر ڪري پاڻ دهليءَ ڏي روانو ٿيو. دهلي فتح ٿيڻ ڪري سلطان شهاب الدين محمود غوري قطب الدين کي دهليءَ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ لاهور، ملتان خواهه سنڌ جا پرڳڻا به سڌيءَ طرح سندس زيردستيءَ ۾ ٿيا. قطب الدين جيئن هندستان ۾ پنهنجي ملڪ جي حد وڌائيندو رهيو، تيئن سنڌ ۾ به هجري سنه 603 (1206ع) ۾، شهاب الدين محمد غوري کوکرن جي هٿان شهيد ٿيو، تنهن ڪري قطب الدين پاڻ کي دهليءَ جو خودمختيار بادشاهه سڏايو ۽ غلام گهراڻي جو مضبوط پايو ٻڌائين[1].

وڌيڪَ تفصيل[سنواريو]

سلطان شهاب الدين غوري جي وفات کان پوءِ هندستان جو غزني سان تعلق ختم ٿي ويو ۽ هتي خاندان غلامان جي آزادي ۽ خود مختيار حڪومت قائم ٿي، جنهن جو قطب الدين ايبڪ پهريون بادشاهه هو.

سلطان شهاب الدين کي ڪائي اولاد نه هئي، تنهن ڪري ان پنهنجي غلامن جي پرورش پنهنجي ٻچن وانگ ڪئي، جيڪي سندس شهادت کان پوءِ بادشاهه بنيا. تن ۾ قطب الدين ايبڪ لاهور، تاج الدين بلدوز غزني ۽ ناصر الدين قباچو سنڌ ۽ ملتان جي تخت تي ويٺو. [2].

حوالا[سنواريو]

  1. - ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }