سهائي ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سهائي ٽالپر
معلومات شخصيت
ڄم سال 1988 (عمر 35–36 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ٽنڊو محمد خان ضلعو،سنڌ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

سُهائي ٽالپر 23 سيپٽمبر 1987ع تي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ڀائيخان ٽالپر ۾ جنم ورتو، پاڻ پوليس کاتي ۾ اي ايس پي آهي. سندس والد جو نالو ڊاڪٽر عزيز ٽالپر آهي.

تعليم[سنواريو]

هن پري اسڪول جي تعليم سي بي ايس ٽنڊو محمد خان مان ۽ پهرين کان ٽئين ڪلاس تائين جي تعليم شاهه لطيف اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، چوٿين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين فوجي فائونڊيشن اسڪول ٽنڊو محمد خان مان علم پرايو، 2003ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 2005ع ۾ انٽر، بحريه فائونڊيشن ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو.2007ع ۾ بي ڪام گورنمينٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو، چارٽرڊ اڪائونٽ ماڊيول اي ۽ بي الحمد اڪيڊمي حيدرآباد مان ۽ ماڊيول سي ايس ڪي اي اين ايس اسلام آباد مان پاس ڪيو، 2011ع ۾ گورنمينٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد معرفت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي (اڪنامڪس) جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ڪميشن ۽ نوڪري[سنواريو]

سيپٽمبر 2011ع ۾ ڪامپيڪس اڪيڊمي حيدرآباد ۾ سي ايس ايس جي تياري لاءِ داخلا ورتائين، 2012ع ۾ سي ايس ايس ڪئاليفائيڊ ڪيائين، سي ايس ايس ڏئي 2013ع ۾ پوليس کاتي ۾ اي ايس پي جو عهدو ماڻيائين، سُهائي ٽالپر ، ٽالپر خاندان جي ۽ لاڙ جي سرزمين جي پهرين سنڌي نياڻي آهي ، جنهن سي ايس ايس ڪري پوليس کاتي ۾ اي ايس پي جو عهدو ماڻيو.

علم ادب سان چاه[سنواريو]

سهائي (انگريزي ٻولي: Suhai) ٻالڪپڻ کان تعليم سان چاهه رکندڙ هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڍائي سالن جي عمر ۾ هن شاهه لطيف جا 150 کان وڌيڪ شعر ياد ڪيا ۽ 6 سالن جي ڄمار ۾ هن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ” ڊبيٽ مقابلي“ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ننڍي عمر ۾ هن سنڌي ٻالڪ تنظيمن جي پليٽفارمن تان سياسي ، سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي خود اعتمادي کي جبل جي چوٽي جيان بنايو، اسڪول توڙي ڪاليج ۾ هميشه امتيازي پوزيشنون حاصل ڪندي رهي، هن ڪاليج ۾ تعليم دوران چونڊون کٽي ڪاليج جي” هيڊ گرل“ جا پڻ ڪيترائي ڀيرا اعزاز ماڻيا، ان حوالي سان هن ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا.[1]

ڪراچي چيني سفارتخاني مٿان حملو، 2018ع[سنواريو]

چيني سفارتخاني ڪراچي تي نومبر 23، 2018ع تي صبح جو 9:30 جو ٽن حملي آوارن فائرنگ ۽ حملي ڪري ڏنو. حملي ۾ ٻه پوليس اھلڪار، ٻه شھري جيڪي ويزا جي وصولي لاءِ اتي موجود ھئا سي به مارجي ويا. سنڌ پوليس جي اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر ٻه ڪلاڪ جنگ جي کي سنڀاليو ۽ پنهنجي ساٿي جي اڳواڻي ڪئي، هوءَ چيني قونصل خاني جي حفاظت ڪندي رهي ۽ سڀني ٽنهين حملي آورن کي ماري ڇڏيائي. [2]

حوالو[سنواريو]