سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتو، (Sind Education & Literacy Department) یا مختصر (SE&LD) حڪومت سنڌ، پاڪستان جو هڪ کاتو آهي. ڊپارٽمينٽ جو بنيادي مقصد صوبي اندر تعليمي معاملن کي سنڀالڻ ۽ صوبي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وفاقي حڪومت ۽ ڊونر ايجنسين سان سهڪار ڪرڻ آهي. ڊپارٽمينٽ پرائمري تعليم جی نگران جو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ثانوي تعليم، ٽيڪنيڪل تعليم، ترغيبي پروگرامن ۽ ترقياتي اسڪيمن جو انتظام ڪري ٿو. سنڌ حڪومت 6 آڪٽوبر 2016ع تي تعليم ۽ خواندگي کاتي کي ٻن الڳ الڳ کاتن ۾ ورهائي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ان کاتن جا ٻه مختلف سيڪريٽري آهن.