سنڌي لوڪ ڪھاڻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي لوڪ ڪھاڻين ۾ ڪيترائي قصا مشھور آھن. جن عمر مارئي جو داستان، سسئي پنهون جو داستان، مورڙي ميربحر جو قصو، دودي چنسير جو قصو ۽ ٻيا مشھور آھن. سنڌي لوڪ ڪھاڻيون سانڍڻ ۾ نبي بخش بلوچ صاحب جو سٺو ڪم ٿيل آھي.

لوڪ ادب جاداستان[سنواريو]

ھيٺ ڪجهہ مشھور سنڌي لوڪ ڪھاڻيون ڏجن ٿيون.

عمر مارئي جو داستان[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو عمر مارئي جو داستان

عمر مارئي جي داستادن ۾ وطن سان محبت ۽ بيوسي آهي، جيڪا اڄ پڻ اسان جي روين ۾ واضح نظر اچي ٿي. نفسياتي اثر هيٺ اسين به سنڌ سان وڏي واڪي محبت جا دعويدار آهيون. عام ماڻهو کان ويندي سنڌ جا اهي ڀوتار جيڪي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندا رهن ٿا سي پڻ هوشو وارو نعرو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هڻندي نظر اچن ٿا. پوءِ اهو سندن اندر جو آواز هوندو آهي يا ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اهو نعرو هڻندا آهن. پر ساڳئي ديس جي وجود ۽ وحدت کي بچائڻ لاءِ قومي سطح تي ڪو مزاحمتي ڪردار ادا ڪو نه ٿا ڪن. محبت ڪرڻ وارو ته هر شي قربان ڪندو آهي، هيءَ ڪهڙي محبت آهي جو ديس جي نالي تي ماڻهو ووٽ به ڪو نه ٿا ڏين، ويڙهه ته پري جي ڳالهه آهي. ان عمل مان ته اهو نظر اچي ٿو ته اسان جي نفسيات لوڪ داستان وارن ڪردارن وانگر دانهون ڪرڻ آهي. دانهون ڪوڪون ڪري اسين سمجهون ٿا ته اسان پنهنجو فرض نڀائي ڇڏيو. عمر مارئي جي داستان وانگر محبت جو اظهار مجبوري واريون دانهون ۽ بيوسي جو اظهار پڻ اسان جي روين ۾ آهي. ائين ديس سان محبت جي حوالي سان اسين هن جديد دور جو اهڙو ئي داستان آهيون، جنهن ۾ اسان اڄ جي عمر آڏو بيوس بڻجي مجبوري وارين دانهن ڪرڻ تائين محدود آهيون.

سسئي پنهون جو داستان[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سسئي پنهون

سسئي پنهون جي قصي وانگر اسين پڻ محرومين جو شڪار ٿي هر ڪنهن کي دشمن سمجهي سڀني کان پري رهڻ واري نفسيات رکون ٿا. پنهنجي محرومين جو سبب ڌارين کي سمجهون ٿا، ان ڪري انهن جي ويجهو وڃڻ نه ٿا چاهيون. سمجهون ٿا سڀ طاقتون ۽ ڪردار اسان جا سڄڻ ڪونهن. اهڙي اثر هيٺ پوءِ اسين ملڻ جلڻ به نالي ماتر رکون ٿا. پاڻ ۾ ملڻ، پنهنجا سور پاڻ ۾ سلڻ جو رواج ۽ رجحان عام آهي. وس ڪئي ٻين سان ميل جول نه رکنداسين. ضروري هوندو ته هڪ حد تائين واسطو رکنداسين. اهڙو رويو ڪٿي واضح طور تي محسوس ٿئي ٿو، ان حوالي سان هڪ سنڌي ڊاڪٽر جو ٻڌايل قصو پڙهندڙن سان ونڊجي ٿو. ان ڊاڪٽر صاحب موجب اسان هڪ ڀيرو هڪ هفتي جي ڪورس لاءِ اسلام آباد ويا هئاسين، چئني صوبن مان ست ست ڊاڪٽر آيا هئا، اسين به سنڌ مان اوتري تعداد ۾ شريڪ ٿياسين. ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ لاهور سان تعلق رکندڙ هڪ ڊاڪٽرياڻي اسان طرف آئي ۽ مخاطب ٿي چوڻ لڳي ته ڊاڪٽر صاحب مون پورو هفتو پئي ڏٺو آهي ته توهان سنڌي ڊاڪٽر پورو وقت پاڻ ۾ ئي ملندا ۽ گفتگو ڪندا رهيا آهيو. انهيءَ دوران ڪنهن ٻئي سان نه تعارف ۾ دلچسپي ورتي اٿو ۽ نه وري ڪنهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿو. آخر ڇو، اسان کيس گول مول جواب ڏئي ٽاري ڇڏيو پر اهو محسوس ضرور ڪيوسين ته واقعي اسان پاڻ تائين محدود رهيا آهيون. اهڙي محدود رهڻ واري معمول سبب اسان نيون ڳالهيون ۽ نوان رجحان دير سان سکون ٿا، جنهن ڪري اسان سماجي ترقي لاءِ تبديلين جي حوالي سان پوئتي آهيون.

سسئي پنهون جي قصي جو ٻيو پهلو سفر آهي جيڪو هو جذبات ۾ اچي ڪري ٿي. ان جذبات ۾ پوءِ هوءَ نه ٿي ڏسي سفر جي ڏکيائي، رستي جو ثمر، نه منزل جي ڄاڻ، عشق ۾ ديوانو ٿي نتيجي تي غور ڪرڻ بنا پيار حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري پوڻ عشق ۾ عجيب ڳالهه ڪونهي پر اهڙن قصن جي نفسياتي اثر هيٺ ڪن وڏن مسئلن تي اسان جا فيصلا اهڙا ئي رهيا آهن. اسان جي وڏن قومي مقصدن لاءِ جدوجهد مان به اهڙي رويي جي جهلڪ ملي ٿي. اهڙن مقصدن ۾ پنهنجي حيثيت، جدوجهد لاءِ گهربل عوامي حمايت، ويڙهه جي قوت ۽ مقصد ماڻڻ يا ناڪامي جي صورت ۾ حالتن تي غور ڪرڻ بدران بنا سوچ جي وڏا نعرا هڻڻ لڳون ٿا، جنهن سان فائدي بدران اڇا وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي. پر ڇا ڪجي اها شايد اسان جي نفسيات بڻجي چڪي آهي. ليلا چنيسر ۾ ليلا واري فيصلي وانگر اسان پڻ عارضي فائدن لاءِ سطح فيصلا ڪندا رهون ٿا. مثال طور ورهاڱي وقت سنڌين جا ڪيل فيصلا ڪنهن به حوالي سان دور انديش ڪو نه هئا. ورهاڱي کان پوءِ وري ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ڀليڪار چئي کين آباد ٿيڻ ۾ پوري مدد ڪئي وئي. نه فقط اهو دور پر اڄ جي دور ۾ اختيار ڪيل پاليسي ڏهاڪن کان پوءِ غلط ثابت ٿئي ٿي. ائين اڪثر فيصلا دور انديشي بنا سطحي ڪندا رهون ٿا.

نوري ڄام تماچي جي داستان[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو داستان نوري ڄام تماچي

نوري ڄام تماچي واري داستان واري نياز نوڙت اڄ به اسان جي سماجي روين ۽ نفسيات جو حصو آهي. نياز نوڙت ۽ هيٺاهين به ايتري جو ڪڏهن تہ عجيب پئي لڳندي آهي. مثال طور هڪ ڏوهيڙي جا ٻول آهن تہ:

دلبر جي در تي تون ڪتو ٿي ته گذار،
ڪن وڍني پڇ وڍني ته به ڪر ڪتاڻي ڪار،
من چڙهن شڪار، جو ورتيون وڃني پاڻ سان.

لوڪ داستانن ۾ نياز نوڙت سان گڏ سنڌ ۾ رائج مذهبن پڻ سنڌي ماڻهو جي مزاج کي نرم ڪري هيٺاهين پسند ڪري ڇڏيو آهي. هتي ڊگهو عرصو ٻڌ مذهب رائج رهيو آهي، جنهن ۾ نرمي جو درس آهي. اسلام جي اچڻ ۽ ان کان پوءِ به هتان جي مسلمانن جي مزاج تي نرم مزاجي جو اثر رهيو، ان ڪري اسلام رائج ٿيڻ کان پوءِ به هتان جي عوام ۾ روايتي رواجن ۽ روين جو اثر غالب رهيو، ان ڪري مسلمانن ۾ پڻ مذهبي حوالي سان برداشت رهي. صوفي ازم جو به ماڻهن جي مزاج تي گهرو اثر رهيو. هي نظريو هر مذهب ۽ فرقي جي ماڻهن ۾ رابطي جو ذريعو رهيو، جنهن ڪري سڀني ۾ مقبول ٿيو. ايتري مقوليت جو هر سنڌي پنهنجو پاڻ کي صوفي چورائڻ تي فخر ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري سنڌ صوفين جي سر زمين چورائڻ لڳي. هن نظريي ۾ عاجزي ۽ نفس مارڻ جو درس آهي. مثال طور:

هو چوني تون ۾ چئو، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينيڪي.

پڻ ڏسو[سنواريو]