سنڌي وڪيپيڊيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Favicon of Wikipedia سنڌي وڪيپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا جو نشان
سائيٽ جو قِسمُ
آن لائين ڄاڻ چيڪلو
۾ موجود سنڌي
مکيه دفتر
ڌڻي وڪيميڊيا فائونڊيشن
جي رچنا جمي ولزس, ليري سنگر[1]
يوآرايل sd.wikipedia.org
تجارتي نه
رجسٽريشن اختياري
يوزرز 18,350
موجوده حيثيت سرگرم

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ رکيو. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 16,270 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 18,350 آهي جنهن مان 4منتظمين آهن.

2016 کان 2017

هنن سالن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، ٽيڪنيڪي بنيادن ۽ ذمري بندي يا ڏَس بندي طور پڻ، جنهن ۾ وڌيڪ ڀاڱيدار ڪجهه وڪيپيڊيا واهپيدار (يوزرس) آهن. سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 2015 کان سٺو واڌارو آيو آهي۔ تازو 2017ع ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن ۽ سنڌ ثقافت ٽوئرزم ائنڊ اينٽيڪيوٽيز ڊپارٽمنٽ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ ڪيو ويو، جيڪو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، ڪراچيءَ ۾ مئي 24، 2017ع تي ٿي گذريو. ان ورڪشاپ ۾ اردو ڊڪشنري بورڊ جو سربراھ عقيل عباس جعفري خصوصي مهمان، جڏنهن ته وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ان وقت چيئرمين ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اعزازي خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو.[2] ان ورڪشاپ جو مقصد پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خاص ڪري سنڌي وڪيپيڊيا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هيو. ان ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي وڪيپيڊيا جهڙوڪ اردو وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، پشتو وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا ۽ انهن ٻولين ۾ وڪشنري (وڪي لُغت) جو تعارف پڻ پيش ڪيو ويو. ان ورڪشاپ جي منتظمن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم جوڳي اسد راڄپر، اردو وڪيپيڊيا جو منتظم محمد عارف سومرو، ويجهڙ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڏيندڙ مهتاب احمد سولنگي ۽ ناميارو سنڌي ڊراما نويس ۽ سنڌي وڪيپيڊئن پروفيسر عزيز ڪنگراڻي شامل هيا۔ ورڪشاپ جي آرگنائيزر جوڳي اسد راڄپر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪي پيڊيا تي پنهنجيون ڀاڱيداريون شامل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ وڪيپيڊيا تي ڪم ڪيئن ڪجي جو طريقيڪار پڻ ٻڌايو۔[3][4][5]

رڪن ۽ ترميمون

سنڌي وڪيپيڊيا انگ اکر
تعداد يوزر تعداد مقالا تعداد عڪس تعداد منتظمين

18,350

16,270

35

4 منتظمين

سنگ ميل

حوالا

  1. There is controversy over who founded Wikipedia. Wales considers himself to be the sole founder of Wikipedia and has told the Boston Globe that "it's preposterous" to call Sanger the co-founder.[حوالو گھربل] However, Sanger strongly contests that description. He was identified as a co-founder of Wikipedia as early as September 2001 and referred to himself as being founder as early as January 2002.[حوالو گھربل]
  2. http://awamiawaz.com/epaper/20170527/page10.php
  3. پاکستان میں پہلی سندھی ویکیپیڈیا ورکشاپ کا کراچی میں انعقاد ، اُردو پوائنٹ ٹیکنالوجی
  4. http://dailywaka.com/files/28-05/Page-fp.jpg[مئل ڳنڍڻو]
  5. http://dailywaka.com/files/28-05/Page-3.jpg[مئل ڳنڍڻو]

خارجي ڳنڍڻا