سلزبرگ(انگريزي: Salzburg )[2][3][4][5]}} جنھن جي لفظي معنيَ لوڻ وارو قلعو آھي آسٽريا جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي ۽ سلزبرگ رياست جي گادي جو هنڌ آهي. 2020ع ۾ ھن شھر جي آبادي 156,872[6]ھئي. ھن شھر ۾ ٽي يونيورسٽيون واقع آهن جن ۾ سلزبرگ يونيورسٽي ۽ پيراسيسس ميڊيڪل يونيورسٽي شامل آهن. آسٽريا جي تاريخ ۽ ثقافت جو مرڪز ھجڻ ڪري اھو آسٽريا جو پرڪشش ترين شھر آھي.[7]. ھي شھر سئلزاخ ندي جي ڪناري تي واقع آهي. ھن شھر ۾ ,24 ننڍا ضلعا واقع آھن. ھن شھر جي عام ٻولي جرمن آھي جنھن جو بويريائي لھجو ھتي عام آھي.