سقراط

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، يونان جو رهواسي هو. جڏهن سائنس، ڊرامي ۽ شاعري ۾ هومر، فيثاغورث، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، جارجيس، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه افلاطون جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

سقراط، جنهن کي ستر سالن جي عمر ۾ موت جي سزا ڏني وئي ۽ هن زهر جو پيالو پيتو

سقراط خيال پرست فلسفي هو. هو هڪ طرح توحيد جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو.

هن جي دلچسپي چنڊ ستارن سان نه هئي، نه ئي هو هڏين ۽ گوشت جي ٺهيل انسان کي اهميت ڏئي ٿو. هن لاءِ زمين سج کي ڦري ٿي يا سج زمين کي ڦري ٿو ڪابه اهميت نٿا رکن ۽ نه ئي رت جي گردش يا هڏين جي بناوٽ هن لاءِ اهم آهن. هو ته اوچا آدرش رکندڙ هو. هن جو واسطو جسم سان نه پر ذهن يا روح سان هو. سندس نظر ۾ سچ ۽ نيڪي جي جستجو ئي سڀ کان اتم آهن.

سقراط سڄي حياتي انهن سوالن جي کوج ۾ گذاري ته ڪائنات ڇا آهي؟ دنيا ڇو پيدا ٿي؟ انسان جي وجود جو ڪارڻ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ وغيره. سقراط سڄي عمر رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ هڪ لفظ به نه لکيائين ۽ نه ليڪچر ڏنائين. هن جون ڪچهريون روايتي انداز واريون هونديون هيون. ڪڏهن ورزش گاهه ۾، ڪڏهن بازار ۾، ڪڏهن ڪنهن محفل يا دعوت ۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، بس هن جو وقت ائين گذرندو رهيو. اسان وٽ سندس خيال افلاطون ۽ زينوفن ذريعي پهتا آهن.

جڏهن سقراط لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ويو، ته کيس دوستن ۽ شاگردن صلاح ڏني ته فرار ٿي وڃ پر سقراط ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جن قانونن کي اسان جوڙيو آهي انهن قانونن کان ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهجي. مان ستر سالن جو آهيان مرڻو ته هوئين به آهي پوءِ ڇو نه شان سان مران. سقراط موت جي سزا جي فيصلي اچڻ کان اڳ چيو هو ته، ”منهنجي دعا آهي ته ديوتا ۽ عدالت اهڙو فيصلو ڏين جنهن ۾ منهنجي به ڀلائي هجي ۽ توهان جي به.“

عدالتي ڪاروائي ۾ فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ٿيو ۽ سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو. ان دور جي رواج مطابق سقراط کي زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻڻو هو. پوءِ سقراط کي بنديخاني ۾ وڌو ويو

زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ سقراط پهريان غسل ڪيو، پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي زال زانپٽي ۽ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪئي. جڏهن جيلر زهر جو پيالو سقراط حوالي ڪيو ته سندس همدرد غم زده ٿي ويا تڏهن سقراط کين چيو، ”مون عورتن کي ان ڪري ئي ٻاهر موڪليو آهي ته جيئن اهي اهڙي غلطي نه ڪن اوهان به پنهنجو پاڻ تي قابو رکو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“

زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. ڪرائٽو لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“

حوالا[سنواريو]

* ڪتاب، ”سقراط“ ليکڪه ڪورا ميسن، سنڌي ترجمو: ظفر