سرد جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سرد جنگ يا ڳجهي ويڙھ (Cold War) اهڙي صورتحال آهي، جنھن ۾ ٻہ ويري مُلڪ يا ويري ملڪن جا ٻہ گروپ پاڻ ۾ سچي پچي جنگ تہ نہ ڪندا هجن، پر هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪن، اهو اصطلاح عام طرح ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ تمام غير دوستاڻن ناتن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انڪري هنن ۾ ان قسم جي سياسي، نفسياتي، معاشي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ ويھين صديءَ جي پنجين ۽ ڇھين ڏهاڪي ۾ عروج تي نظر آئي، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف سياسي، معاشي ۽ قومي اتحاد ٺاهڻ، پروپئگنڊا ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي. اها حالت سوويت يونين جي زوال (1991ع) تائين برقرار رهي .آڪٽوبر 1962ع ۾ ڪيوبائي ميزائلن وارو بحران (Cuban Missile Crisis) ان ڏس ۾ خاص طرح سان بيان ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح سڀ کان اڳ آمريڪي مفڪر برنارڊ بارخ (1947ع ۾) استعمال ڪيو. جنھن ۾ هُن ٻڌايو هو تہ ڏيھان ڏيھي لاڳاپن ۾ ٻن سگهارين يا هڪجيتري طاقت رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڌر ٻيءَ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر هيءَ حڪمت عملي اختيار ڪندي آهي. آمريڪي صحافي ايڇ بي سواپ ۽ والٽر لپمئن پڻ ٿڌي ويڙھ متعلق بنيادي نظريا جوڙيا.[1]

حوالا[سنواريو]