سردار ٻرڙو
سردار احمد ٻرڙو Sardar Ahmed Buriro | |
---|---|
ڪھاڻيڪار، شاعر، مضمون نويس ۽ سنڌيڪار | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 01 فيبروري 1999 ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو، مورو، سنڌ |
سڃاڻپ | سنڌي قوم پرست |
اعزاز | (ڪھاڻي نشست) روٽيڪٽ ڪلب ڄامشورو 2020-21 |
سردار ٻرڙو(انگريزي ٻولي: Sardar Buriro، پيدائش: 01 فيبروري 1999) موکي پبليڪيشن مورو جو پبليشر ۽ چيف ايڊيٽر آھي، ان کان علاوہ پاڻ ڪالمنگار، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ سنڌيڪار پڻ آھي. پاڻ سوويت اڳواڻ ڪامريڊ جوزف اسٽالن جي ڪتاب ”آن دي روڊ ٽو آڪٽوبر“، ارون ڌتي راءِ جي ڪتاب ”فريڊم“ ۽ ڊان ميگوئل روئيز جي ڪتاب ”دي فور ايگريمينٽس“ا جو سنڌيڪار پڻ آھي.
تعارف[سنواريو]
سردار جو پورو نالو سردار احمد ٻرڙو آھي.[1] پاڻ 01 فيبروري 1999ع تي مورو ويجھو ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو ۾ ڄائو. پاڻ لکڻ جي شروعات 2017ع کان ڪئي. سندس مضمونن مان ”سماجي ذميواريون ۽ سنڌ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪردار“[2]، ”مادري ٻولين جي اھميت ۽ انھن جي راھ ۾ رڪاوٽون“ ۽ ”سنڌ جي قومي راند ملاکڙو اھميت، عروج ۽ زوال“ ۽ ٻيا شامل آھن. ڪھاڻين ۾ ”اپاھج بڻايل ٻار (بنگالي ڪھاڻي جو ترجمو)“[3]، ”سنڌ کي پرتو“، ”قضا ڪھاڻي“، ”بغاوت“، ”چوڏس چانڊوڪي راتيون“ ۽ ”سڀ خاموش آھن“ مشھور آھن.
تعليم[سنواريو]
پاڻ پرائمري تعليم پاڪستان بيت المال اسڪول نوشھروفيروز، ميٽرڪ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مبارڪ خان ٻرڙو، انٽرميڊيئٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو ۽ گريجوئيشن بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن، سنڌ يونيورسٽي ڪمپس دادو مان حاصل ڪئي.
سردار ٻرڙو جا لکيل ڪتاب[سنواريو]
- (1) جلا وطن لڙڪ ـ شاعري ( موکي پبليڪيشن 2021ع)[4][1][5]
- (2) آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن اپريل 2022ع)[6]
- (3) انساني شعور جي ارتقا ـ ترجمو (سڦلتا پبليڪيشن 2023ع)
- (4) آزادي (فريڊم، فاشزم، فڪشن) ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن 2023ع)
- (5) چار معاھدا ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن 2023ع)[7]
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 "سردار ٻرڙو جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-11.
- ↑ "سماجي ذميواريون ۽سنڌ اندر ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪردار". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-08-11.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون: اپاھج بڻايل ٻارَ - نمير اي چوڌري - سردار ٻرڙو". سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون. حاصل ڪيل 2022-08-11.
- ↑ "جلاوطن لُڙڪ - سردار ٻرڙو | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-11.
- ↑ جلاوطن لڙڪ ـ شاعري ـ موکي پبليڪيشن [1]
- ↑ آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون ـ ترجمو ـ موکي پبليڪيشن [2]
- ↑ چار معاھدا ـ ترجمو ـ موکي پبليڪيشن [3]