مدد:وڪيپيڊيا ۾ ڳولها

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سانچو:ڳولامدد کان چوريل)

وڪيپيڊيا تي تلاش ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن ۔ ڪجھ هيٺ درج آهن۔۔

وڪيپيڊيا تي ڳولها جو خانو آهي

هر صفحي تي مٿي کاٻي پاسي ڳولها جو خانو موجود آهي۔ ان خاني ۾ لکي جيڪڏهن حرڪت جو بٽڻ دٻائيندوُ (ڪمپيوٽر مائوس سان ٺِڙڪ (ڪِلڪ ڪريو)، ته جڪڏهن ان عنوان جو مضمون وڪيپيڊيا تي آهي، ته وڪي پيڊيا توهان کي سڌو ان صفحي تي وٺي ويندو۔ ۽ جيڪڏهن توهان ڳولها جو بٽڻ دٻائيندوُ ته وڪي پيڊيا توهان کي مضمون ڳولها ڪري فهرست ڏيندو، جنهن ۾ گُهربل ٻَولَ (لفظ) استعمال ٿيل آهن۔ جڏهن توهان ان خاني ۾ لکي رهيا هوندا، ته وڪيپيڊيا پاڻَ توهان جي عبارت مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڪيپيڊيا تي موجود مضومونن جا عنوان سجھائيندي، ۽ توهان ان فهرست منجهان چُونڊَ ڪري سگهو ٿا۔ وڪيپيڊيا تي ڳولها جي راهہ مختصر alt-shift-f آهي۔

انگريزي هِجي سان ڳولها ڪريو

وڪيپيڊيا تي مضمونن ۾ انگريزي لکڻي يا رسم الخط (اسڪرپٽ) ۾ پڻ اصطلاحن ۽ نالو اڪثي لکيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ توهان انگريزي هِجي (اُچار) سان پڻ ڳولها (تلاش) ڪري سگهو ٿا۔

گوگل جي مدد سان ڳولها ڪريو

توهان گوگل جي مدد سان پڻ وڪيپيڊيا تي ڳولها ڪري سگهو ٿا: گوگل جي صفحي تي وڃو ۽ ڳولها جي خانو ۾ گُهربل لفظ (يا عنوان، ٽائٽل)سان گڏ site:sd.wikipedia.org لکي ڳولها ڪريو۔ مثلاً جيڏهن توهان کي "الجبرا" ڳولها ڪرڻي آهي، ته هِيئن لکو

گوگل سان ڳولها ڪرڻ ۾ هي واڌارُو فائدو آهي تہ گوگل اعراب کي خاطر ۾ ناهي آڻيندي۔

حوالا