سانچو:مُک صفحو/بهترين مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايلنور روزويلٽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (انگريزي ۾)، ليڪ سڪسيس، نيو يارڪ جو پوسٽر هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي. نومبر 1949ع.
انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 10 ڊسمبر 1948ع

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي.