روگ اسٽيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا جي اندر غير ذميدار رياستون.

غير ذميدار رياست(انگريزي: Rogue State)، پارتاھ رياست يا روگ اسٽيٽ مان مراد اھا آهي ته ڪو ملڪ جڏهن بين الاقوامي برادريءَ کان ڪٽجي پنهنجي پاليسين ۽ روين ۾ بين الاقوامي قانون کي ڪا به اهميت نه ڏيندو آهي ته ان ملڪ کي ”روگ يا پارئاهه“ رياست سڏيو وڃي ٿو. 1948ع کان 1994ع تائين ڏکڻ آفريقا جا بين الاقوامي برادريءَ سان لاڳاپا ڏاڍا خراب رهيا ۽ اُن جون پاليسيون انسان دُشمنيءَ وارن روين تي ٻڌل رهيون. ان عرصي دوران نسلي متڀيد تي ٻڌل روين سبب ڏکڻ آفريقا ۾ گوري حڪومت ۽ گھڻائي (اڪثريتي) عوام وچ ۾ تڪرار وارا رتوڇاڻ وارا وڳوڙ پئي هليا. ان حوالي سان عالمي برادريءَ ۽ گڏيل قومن جي اداري هِن مسئلي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڏکڻ آفريقي نسل پرست حڪومت ان ڏس ۾ ڪنهن به ڌُر جي مداخلت ۽ ڪردار کي رد ڪندي، ٻاهرين دنيا سان پنهنجا هر قسم جا لاڳاپا ڪٽي ڇڏيا هئا. ڏکڻ آفريقي حڪومت جي ان ورتاءَ کي، ”روگ اسٽيٽ“ جي حوالي سان بيان ڪيو ويو. ڪن حلقن طرفان بين الاقوامي برادريءَ ڏانهن اسرائيل جي اختيار ڪيل ورتاءَ کي پڻ ساڳئي اصطلاح سان سُڃاتو ويندو آهي. ٻين غير ذميوار روين ۽ جنگي ڏوهن سان گڏ، 2010ع ۾ جڏهن مختلف ملڪن جي نمائندا سول سوسائٽيءَ گڏجي (جن ۾ ڪجهه نوبيل انعام ماڻيل اسڪالر به شامل هئا) ڪُجهه سامونڊي ٻيڙن (جنهن مان هڪ ٻيڙي جو نالو ”فريڊم فلوٽيلا“ هو) جي وسيلي فلسطين جي علائقي غازا ڏانهن اسرائيلي گهيري هيٺ آيل متاثرين لاءِ امدادي سامان ۽ کاڌ خوراڪ جو مواد کڻي پئي ويا، ته اسرائيل جي سامونڊي فوج ”فريڊم فلوٽيلا“ تي حملو ڪري ڪجهه ماڻهن کي ماريو ۽ ڪن کي زخمي ڪيو. انهيءَ ڏاڍ ذريعي اسرائيلي اختيارن غازا تائين امدادي سامان نه پهچائڻ ڏنو ۽ سڀ سامونڊي ٻيڙيون زوريءَ واپس موٽايون ويون. بين الاقوامي برادريءَ اسرائيل جي انهيءَ غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪت جي ڪري، بين الاقوامي تعلقات ۾ خرابيءَ جا اُڊڪا ظاهر ڪيا. اهڙي طرح ڏکڻ آفريقا ۽ اسرائيل سميت جڏهن ڪو به ملڪ يا ڪجهه ملڪ پنهنجي مفادن ماڻڻ ۽ علائقي تي غلبي ويهارڻ لاءِ سڀ حدون پار ڪن ته اهڙن ملڪن کي ”پارئاهه يا روگ“ اسٽيٽ قرار ڏنو ويندو آهي. 1959ع کان ڪيوبا جي حڪومت ۽ رياست آمريڪا جي نظر ۾ ”روگ اسٽيٽ“ سمجهي ويندي آهي. اڄوڪي دور ۾ ساڳئي لقب سان انهن ملڪن کي به نوازيو وڃي ٿو، جن ملڪن ۾ بين الاقوامي تحفظات کي نظرانداز ڪندي، نيوڪليائي پروگرام هلندڙ هجي ۽ نيوڪليائي ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل هٿيار ٺاهڻ جو سلسلو جاري هجي. 06-2005ع ۾ آمريڪا، اُتر ڪوريا ۽ ايران جي نيوڪليائي پروگرام تي اعتراض واري ان کي عالمي برادريءَ جي مفادن خلاف قرار ڏيندي ٻنهي رياستن کي ”روگ اسٽيٽس“ قرار ڏنو. ان کان سواءِ دنيا ۽ خاص ڪري آمريڪا جي نظر ۾، پنهنجن پاليسين سبب شام، عراق، اُترڪوريا ۽ لبيا جهڙا ملڪ به ”روگ اسٽيٽ“ جي فهرست ۾ اچي چڪا آهن. بين الاقوامي تعلقات جي ڪيترن ماهرن جي خيال ۾ Rougue ۽ Pariah لفظن يا اصطلاحن ۾ ڪُجهه فرق آهي. سندن وضاحت موجب: ”روگ اسٽيٽ“ ۾ سياسي نظام يا عوام غلط نه هوندو آهي، پر اڳواڻ پنهنجي شخصي لاڙن ۽ روين جي ڪري غلط هوندو آهي، جنهن کي قانون موجب مقامي يا عالمي سطح تي سزا ڏئي سگهجي ٿي. عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي پاليسين سبب عراق کي ”روگ اسٽيٽ“ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ”پارئاهه“ جي اصطلاح جي وضاحت موجب سياسي اڳواڻن جي لاڙن سان گڏ مُلڪي ايجنڊا، قومي نظريو، مُلڪي قانون وغيره به سرڪشيءَ ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي، جنهن ڪري سڄي رياست، اُن جي عوام ۽ ادارن کي عالمي برادريءَ طرفان سُڌارڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو آهي. ان حوالي سان سربيا ۽ مانٽينگرو جي سموري رياست، عوام ۽ ادارن جو مسلمان اڪثريتي علائقن بوسنيا هرزيگوينيا ۽ ڪوسوو جي باشندن ڏانهن اختيار ڪيل رويو ۽ پاليسيون مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون. سربيا جي قومي سوچ مطابق مسلمان آباديءَ جي نسل ڪشي هڪ ”وڏو قومي فرض“ جو درجو حاصل ڪري چُڪي هُئي. سربيائي سرڪشيءَ جي خاتمي لاءِ، آمريڪي سرواڻي ۾ عالمي برادريءَ کي فوجي مُداخلت ڪري، سگھ جي زور تي سربيا جي اڳرائي روڪڻي پئي. [1]

حوالا[سنواريو]