رسول بخش ڪلھوڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد رسول بخش ڪلھوڙو جدي پشتي موسيقار نہ هو، بلڪہ استاد يوسف کٽيءَ وانگر شوقيہ ڳائڻو هو، مگر ڳائڻ ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين ۽ مشھوري حاصل ڪيائين. سندس ڳائڻ جو انداز نھايت نرالو هو. لاڙڪاڻي جو رهواسي ۽ استاد خدا بخش ڀٽي جو شاگرد هو. ديسي موسيقيءَ کان علاوه ڪلاسيڪي موسيقي ۾ به کيس وڏي مھارت حاصل هئي. سندس آواز نھايت نکريل هو ۽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. تمام وڏي آواز سان ڳائڻ جو عادي هو، جنھنڪري هڪ ڏينھن سندس گلي جون نسون ڦاٽي پيون ۽ ان سبب وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]