رجب ٻگهيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رجب ٻگهيو
Rajib Bughio
پيدائش باجارا، سيوهڻ شريف تعلقو، دادو ضلعو، هاڻڄامشورو ضلعو، سنڌ
ڌنڌو هيڊ ماستر،شاعر
ٻولي سنڌي
تعليم بي ايس سي، بي ايڊ، ايم ايڊ، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري

رجب ٻگهيو (انگريزي:Rajib Bughio)سنڌي ٻولي جو شاعر آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن

زندگي جو احوال[سنواريو]

رجب جو پورو نالو محمد رجب ٻگهيو ولد حاجي محمد صفر ٻگهيو آهي. سندس قلمي نالو “رجب ٻگهيو” آهي. رجب ٻگهيو سنڌ جي دادو ضلعي (هاڻ ڄامشورو ضلعي) سيوهڻ تعلقي جي تاريخي ڳوٺ باجارا ۾ 12 مارچ 1963ع ۾ پيدا ٿيو.[1][2][3]

تعليم[سنواريو]

رجب ٻگهيو جي تعليم بي ايس سي، ايم اي، ايم ايڊ آهي. پاڻ تعليم جي شعبي سان واڳيل آهي. هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول باجارا جو هيڊ ماستر آهي.[1]

شاعري[سنواريو]

رجب ٻگهيو لکڻ ۽ شاعري جي شروعات سال 1990ع کان ڪئي. سندس شاعري سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ[4] کان علاوه سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي.[1]

ڪتاب[سنواريو]

رجب جي شاعري جو شايع ٿيل ڪتاب خواب آئينا ٿيا ذڪر لائق آهي.[1]

حوالا[سنواريو]