رائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Bangladeshi mustard plants

هن کي آھر ۽ انگريزيءَ ۾ مَسٽَرڊ (Mustard) چوندا آهن. هن جي پوکڻ جي لاءِ ڪا به خاص فهمائش ضروري ناهي. سرد موسم ۾، آڪٽوبر مهيني ڌاري ڪٿي به ڇٽي ڇڏجي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي نڪرندي. ڪچيءَ ۾ هن جا پن سرنهه ۽ ڄانڀي جي پنن وانگي کائيندا آهن، جيئن سالڊ کي کائيندا آهن. پڪي کان پوءِ اَن گڏ ڪري سڪائي رکندا آهن. اِچار جي مصالح ۾ به ڪم ايندي آهي ۽ تيز ٿيندي آهي. دوا ۾ به گهڻي ڪمائتي آهي، پولٽس ٺاهڻ ۾ يا ٻيءَ طرح. هن مان تيل به نڪرندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو