ديھ ڪيٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ڪيٽي
Deh Keti
فائل:سومرا ديھ جو نقشو.jpg
ديھ ڪيٽي جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا شاھپور ٿاڻو
تپو شاھپور
سروي نمبر 1 کان 232
مشهور ڳوٺ عبدالله ڇٽو
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 3023 [1]
قيام 1958ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ سومرا ، ديھ پنھورڪي ، ديھ شاھپور، ديھ ڀاڻوڪي ۽ ضلعي ٽنڊوالهيار جي ديھ نصرپور، ديھ ڀٽي

ديھ ڪيٽي: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي شاھپور جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ عبدالله ڇٽو، انڙن جو ڳوٺ ۽ سمن جو ڳوٺ واقع آھي. ھن ديھ جون حدون ديھ شاھپور، ديھ پنھورڪي، ديھ ڀاڻوڪي ۽ ديھ سومرا سان ملن ٿيون.ان کان علاوه ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي نصرپور جو ديھون:ديھ نصرپور ۽ ديھ ڀٽي پڻ ھن ديھ سان ملن ٿيون. ھتان جي ڪافي ايراضي آباد زرعي زمينن تي مشتمل آهي ان کان علاوه ھتي پاڻي جا ڍورا ۽ واري جون ڀٽون بہ ڪثرت سان موجود آھن.ھن ديھ جو قيام 1958 کان اڳ ٿيو ۽ 1978 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 232 ھئا[2] ھي ديھ انتظامي طور تي شاھپور ٿاڻي جي حدن ۾ شامل آھي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 259 جو حصو آهي.ھن ديھ مان نصرپور مٽياري لنڪ روڊ، نصرپور تاجپور لنڪ روڊ، نصرپور پليجاڻي اسٽيشن روڊ گذرن ٿا. ھن ديھ مان روھڙي ڪئنال، پليجاڻي مائينر يا شاخ ۽ سجاول واھ وھن ٿا. پراڻي دؤر۾ ھتان نصير واھ پڻ وھندڙ ھيو جيڪو ڦٽي ويو ۽ ھاڻي انجا ڪڙيا اتي موجود آھن.جن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 3142-08 آھي ۽ ھن ديھ جي 1998 ۾ آبادي 3023 ھئي.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)