ديھ ابڙيجاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ابڙيجاڻي
Deh Abrejani
فائل:ابڙيجاڻي.jpg
ديھ ابڙيجاڻي جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا مٽياري ٿاڻو
تپو مٽياري
سروي نمبر 1 کان 532
مشهور ڳوٺ مکڻ شاھ جي وسي، ماڻڪ شاھ جي وسي، گلشن شاھ جي وسي،بقادار شاھ جي وسي، گل ميمڻ جي وسي
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 5691 (1998)
رجسٽر ووٽر 146492 (2013) [1]
قيام 1937ع
لاڳاپيل ديهون ديھ مٽياري، ديھ پوراٺ، ديھ بائوديرو


ديھ ابڙيجاڻي : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ مکڻ شاھ جي وسي واقع آھي.ھن ديھ جون حدون ديھ مٽياري ، ديھ پوراٺ ، ديھ بائوديرو سان ملن ٿيون. ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي آھي. مٽياري ضلعي ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ’ماڻڪ شاهه جي وسي‘، ’کوسا‘، ’گلش شاهه جي وسي ‘ ۽ ’بقادار شاهه جي وسي‘ ڳوٺ آباد آهن.[2] ھن ديھ جي وچان بچاء بند به گذري ٿو. ھن ديھ جو قيام 1937 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. ھن ديھ جا سروي نمبر 1 کان 532 تائين آھن.[3] ھي ديھ انتظامي طور تي مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ آهي.بورڊ آف روينيو جي پراڻن نقشن مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ گل ميمڻ جي وسي، ڳوٺ بقادار شاھ، ڳوٺ مسڪن شاھ ، وسي عبدالله شاهه، ڳوٺ شيخاڻي، ڳوٺ سڄڻ ماڇي پڻ اتي واقع ھئا. پراڻن نقشن مطابق ڦٽل نصير واھ وٽان ھڪ رستو ماڪن شاھ جي ڳوٺ تائين حيدرآباد طرف ويندڙ ھو. بچاء بند جي ھڪ پاسي مٽياري مائينر واقع ھئي.سروي نمبر 297 کان ھڪ رستو سيکاٽ کان حيدرآباد ديھ ريڇل مان گذري ھن ديھ ۾ داخل ٿي بچاء بند جي پاسي کان گذري ديھ مٽياري ۾ داخل ٿيندڙ ھيو.[3] ھڪ ٻيو رستو ھالن کان حيدرآباد طرف ھن ديھ ۾ ڪڙيو بحر واھ لڳ داخل ٿيندڙ ھو جيڪو ڦٽل نصير واھ لڳ بچاء بند جي پاسي مان گذري مٽياري مائينر پار ڪري ڳوٺ ماڪن شاھ لڳ مٽياري ديھ ۾ داخل ٿيندڙ ھيو.[3] ھن وقت ان رستي تي نيشنل ھاء وي 5 واقع آهي.

حوالا[سنواريو]