ديھ آرائين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ آرائين
Deh Arain
فائل:آرائين.jpg
ديھ آرائين جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
تپو جيندل ڪوٽ
سروي نمبر 1 کان 288
مشهور ڳوٺ جمعا خان کوسو ، ڪوٽ فاروق
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 3445[1]
قيام 1933ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ ڀورڪو، ديھ جيندل ڪوٽ، ديھ جھڪي ، ديھ سوھڪي، ديھ جاکري، ديھ پنو ، ديھ گڻنگ,ديھ ٻارچاڻي
اهم مقام مٽياري شگر مل

ديھ آرائين: Deh Arain: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي جي تپي جيندل ڪوٽ جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ جمعا خان کوسو ۽ ڪوٽ فاروق، ڏيٿن جو ڳوٺ، لائق آباد، واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي ان کان علاوه ھن ديھ ۾ پاڻي جون کڏون ۽ واري جون ڀٽون پڻ واقع آھن.ھن ديھ جون حدون ديھ گڻنگ ، ديھ پنو ، ديھ سوھڪي، ڀورڪو، ديھ ٻارچاڻي،ديھ جھڪي،جاکري سان ملن ٿيون.ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 3036-17 آھي ۽ 1998 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي آبادي 3445 آھي[1].ھن ديھ جو قيام 1933 کان اڳ ٿيو ۽ 1983 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 288 تائين ھيا.[2] ھن ديھ ۾ مشھور مٽياري شگرمل ۽ ان سان گڏ شراب جي فيڪٽري پڻ واقع آھن.ھن ديھ سان لڳولڳ پراڻو ڦٽل نصير واھ پڻ واقع آهي.ھن ديھ مان ڄام مائينر وھي ٿي . نصر پور مٽياري لنڪ روڊ بہ ھن ديھ جي دنگن سان لڳي ٿو. سوئي گيس پائپ لائن بہ ھن ديھ مان گذري ٿي.ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 جو حصو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)