ديپالپور، پاڪستان
Dipalpur دِيپالپُور | |
---|---|
شھر | |
ھجرا شاھ جي مزار | |
جاگرافي بيهڪ: 30°40′15″N 73°39′12″E / 30.67083°N 73.65333°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | اوڪاڙہ |
تحصيل | ديپالپور تحصيل |
بلندي | 167 ميل (548 ft) |
پاڪستان جي سڀ کان وڏي تحصيل |
ديپالپور(انگريزي: Dipalpur) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي اوڪاڙہ جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تحصيل جو صدر مقام آهي. اوڪاڙہ کان 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي باري دوآبي تي بياس ندي جي ڪناري تي واقع آهي.[1][2] ھي تحصيل تيرھين ۽ چوڏھين صدي ۾ ٿيندڙ جنگن جي ميدان ھجڻ ڪري مشھور آھي. ڀٽي قبيلو ھن علائقي سان گهڻو ڳنڍيل رھيو آهي. ھتان جي ماڻھن جي ٻولي پنجابي آھي.ھتي رھندڙ ذاتين ۾ بيگوڪا (آرائين) پراچا، پٺاڻ، رائو، دولا (آرائين)، ميان، رامي (آرائين)، وٽو، ڪلسون (جٽ)، ڀٽي، جويا، کرل جوٽ, چندور (آرائين) شامل آهن.چندور ھتان جا سڀ کان پراڻا رھاڪو آھن.
تاريخ
[سنواريو]ماضي ۾ ھي شھر حفاظتي ديوار سان گھيريل ھو جيڪا 25 فٽ اوچي ۽ کاھين سان گھيريل ھئي. ان جي مرمت فيروز شاهه تغلق جي ۽ خان خانان جي وقت ۾ ٿيندي رھي جڏهن خان خانان ھتان جو گورنر ھيو. فيروز شاھ تغلق ھتي ھڪ مسجد پڻ ٺھرائي ۽ درياء ستلج مان ھڪ ڪئنال بہ کوٽرايو جنهن سان ھن شھر جي چوڌاري باغ آباد ٿيندا ھئا.بغداد کان ھڪ صوفي بزرگ بھاول حق قلندر لڏي اچي ديپالپور جي ڀرسان ڳوٺ پٿروال ۾ رھيو جنھن ھڪ حجرو ۽ مسجد ٺھرائي. ان جي پوٽي شاھ مقيم سندس ڪم کي جاري رکيو
ھن شھر جي علائقي ۾ مرزا صاحبان جو قصو مشھور ٿيو جنھن جي تاريخ ۾ تہ ڪا شاھدي ڪانھي پر ھڪ لوڪ داستان ھيو جنھن مطابق جٽ ذات جي صاحبہ ھن درگاھ تي مرزا جي لاءِ دعا گھرڻ آئي ھئي. مغل بادشاھ اڪبر اعظم پنھنجي پٽ سليم سان گڏ ديپالپور ۾ 1578 ۾ قيام ڪيو ھو جڏھن فريدالدين گنج شڪر جي زيارت لاءِ آيو ھو. اڪبر ھتان واري بياس ۽ راوي جي دوآبي جو نالو باري دوآب رکيو ھو. گرو نانڪ ديو بہ ھن شھر ۾ قيام ڪيو ھو. مشھور صوفي بزرگ سائين عبدالرزاق پڻ ھتي آيو ۽ رھائش اختيار ڪيائين ۽ ھن علائقي ۾ وفات ڪيائين ۽ دفنايو ويو. جتي دفنايو ويو ان جاء کي ھاڻي رزاقيہ دربار سڏيندا آهن.[3] ھڪ روايت مطابق ھن شھر جو بنياد سريچند رکيو ۽ سري نگر نالو ڏنائينس بعد ۾ سندس پٽ ھرسنگھ ھن شھر جي حفاظتي ديوار تعمير ڪرائي. بعد ۾ راجا سالواھن جي پٽ ديپال ھي شھر ٻيھر تعمير ڪرائي ان کي پنھجو نالو ڏئي ديپالپور سڏايو. سکن جي دؤر ۾ ھن شھر کي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي ۽ 1810 تائين ھي شھر نڪئي خاندان جي جاگير ۾ رھيو جنھن بعد اھا جاگير پھرين کڙڪ سنگھ ۽ پوء 1828 ۾ سردار جوند سنگھ موڪل کي ملي جيڪو 1840 ۾ پنھنجي وفات تائين اتان جو جاگيردار رھيو، پوء سندس پٽ بيلا سنگھ سندس جانشين ٿيو ۽ انگريزن جي پنجاب تي قبضي ٿيڻ تائين بيلا سنگھ جي اھا جاگير قائم رھي. ھتي قديم عمارتن ۾ لالو جسراج جو مندر، خان خانان جي تعمير ڪرايل مسجد، امام شاھ ۽ محمود شاھ نالي بزرگن جا مقبرا اڃان تائين موجود آهن. 1919 جي ھڪ رپورٽ مطابق ھي خطو مونٽگومري (موجوده:ساھيوال) ضلعي جي تحصيل ھيو.
ھاڻوڪو شھر
[سنواريو]ھن شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاء الڳ الڳ ڊگري ڪاليجون ۽ کوڙ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول موجود آهن.تحصيل جون سموريون سرڪاري آفيسون ۽ ڪورٽون پڻ ھتي موجود آهن. تحصيل ھيڊ ڪوارٽر اسپتال پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي.پراڻو شھر ٽن دروازان: ٺٺياري گيٽ ، ملتاني گيٽ ۽ شمالي گيٽ جي اندر وارو پاسو آھي ۽ ٻاھران نيون جديد آباديون وسن پيون.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Location of Dipalpur - Falling Rain Genomics
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Okara - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا February 9, 2012, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Okara "Archived copy". وقت 2012-02-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-10-02.
- ↑ نگر نگر پنجاب پروفیسر اسد سلیم شیخ، فکشن ہاؤس مزنگ روڈ لاہور