دودو سومرو چوٿون(انگريزي: Dodo Soomro fourth) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ء پنھجي ڀاء خفيف سومرو ٻيون جي وفات کان پوءِ سندس تخت تي ويٺو.تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق:ڀاءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، سندس حڪومت جو عرصو پنجويهه سال آهي. آخرڪار سندس حياتيءَ جو سج مماتيءَ جي افق ۾ غروب ٿي ويو. [1]