حڪم بن عوانه ڪلبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عراق جي واليءَ طرفان حڪم بن عوانه ڪلبيءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو ويو. هن هڪ قلعي بند شهر جو بنياد وڌو، جنهن تي ’محفوظه‘ نالو رکي، پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنائي، ان کي مسلمانن جو مرڪز ٺهرايو. ان کان پوءِ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ مهمون موڪليائن، ۽ ملڪ ۾ نئينءَ طرح امن امان قائم ڪيائين. ڪن تاريخن ڄاڻايو آهي ته منصوره جو شهر به هن ٻڌايو، ۽ اتي پنهنجي مستقل گادي مقرر ڪيائين؛ پر اهو بيان صحيح نه آهي. مهلبيءَ جي روايت آهي ته عباسي خليفيالمنصور جي زماني ۾ عمر بن حفص هي شهر آباد ڪيو، ۽ ان کي خليفي جي نالي سان موسوم ڪيائين . ابو العباس احمد قلقشنديءَ، ”صبح الاعشي“ ۾ لکيو آهي ته جڏهن اسلامي لشڪر هتي داخل ٿيو، تڏهن سپهه سالار جي زبان مان ”نصرنا“ جو لفظ نڪتو، جنهن ’منصوره‘ جي صورت اختيار ڪئي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪو قديم ۽ تمام آڳاٽو شهر هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع