جت جر وھي ٿو جال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جت جر وهي ٿو جال
مصنف الطاف شيخ
ملڪ پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع سفرنامو
شايع ڪندڙ نيو فيلڊ پبليڪيشن، حيدرآباد
ڇاپي جي تاريخ
1988
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب
صفحا 184

جت جر وهي ٿو جال نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايل هي ڪتاب آگسٽ 1988ع ۾ ڇپيو، ڪتاب ۾ ٽوٽل 184ع صفحا آهن، ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي، هو مهاڳ ۾ لکي ٿو:” هوم سڪنيس جي مريض سنڌين کي ملڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ الطاف جي اکرن جون به وڏو هٿ رهيو آهي“.هن ڪتاب ۽ سفرنامي جي ذريعي الطاف شيخ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته ڪلانگ ندي جنهن سان ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گومباڪ به ملي ٿي، سڄي گپ سان ڀريل آهي، ان گپ جي ئي ڪري هن شهر تي ڪوالالپور نالو پيو، ملئي زبان ۾ گپ کي ”لمپر “Lumper سڏجي ٿو ۽Kuala ”ڪئالا يا ڪوالا “ معنيٰ ندي جو منهن.لبوح معنيٰ گهٽي، پاڊانگ معنيٰ ميدان، ڪوالالمپور شهر سئو سوا سئو سال پراڻو آهي، ملائيشيا جي آزادي جو ڏينهن 31 آگسٽ آهي.مسجد جامي کان پوءِ جالان ملايو ويجهو ئي آهي، جيڪو نالي مان ته لڳي ٿو ته ان تي ملئي گهڻا هوندا پر حقيقت ۾ اتي انڊين آهن، گهڻو تعداد ڏکڻ هندستانين جو آهي، ان بعد گجراتي، سک ۽ سنڌين جا دڪان پڻ آهن.

ملائيشيا سڄو وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ سان ڀريل آهي، ملائيشيا جا ڪيترائي جهنگل سئو ملين، ڏهه ڪروڙ سالن کان به پراڻا آهن، ٽيمپلر پارڪ پڻ انهن مان هڪ آهي، هي 1954ع ۾ عام پبلڪ لاءِ کوليو ويو، ٽيمپلر پارڪ ، ڪوالالمپور کان 20 ميل پري آهي، قدرت جا نظارا ڏسڻ واري لاءِ باتو غارون Batu caves به اهم شيءَ آهي، گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل ۽ ڪئمرون هل ملائيشيا جا مشهور پهاڙي علائقا آهن، ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو سبانگ آهي، ملئي زبان ۾ ڪن جي ايرنگ کيSnbang سڏجي ٿو.ملئيل زبان ۾ Kepah سپ کي چوندا آهن.

ڪئالا سلنگور بعد اڳيان تنجنگ ڪرانگ شهر آهي ، جيڪو هن رياست جي چانورن جو وٽو Rice-Bowl سڏيو وڃي ٿو ،چوڌاري سارين جو ئي فصل نظر اچي ٿو ۽ سڄي رياست کي چانور هتان مهيا ٿين ٿا.

ڪوالالمپور جي مشهور ترين رستي جالان تنڪو عبدالرحمان تي گلوب سلوڪ اسٽور نالي هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي، جتي سئو کن ڇوڪريون Sales Girls ڪم ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشيئر ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن، هي دڪان ڪشو ڄيٺانند نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو آهي، تان سري ”لقب “ ڪشو ڄيٺانند جو والد ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان هتي آيو هو، اهو 1928ع جو سن هو، ڪشو ڄيٺانند جي زال مونا، جنهن جي نالي تي ملاڪا ۾ ”مونا انڊسٽريز “ آهي سا به مڙس سان واپار ۾ ٻانهه ٻيلي آهي.

-پام آئل ملائيشيا جو سونوفصلGolden crops آهي. ملئي ماڻهن ۾ ٽن جو انگ به خراب سمجهيو وڃي ٿو، شيون ڪنهن کي ڏبيون ته چوندو هڪ وجهي چار ڪري ڏي يا هڪ ڪڍي ٻه ڪري ڏي، ٻيو ته ٺهيو پر فوٽوءَ لاءِ 3 ڄڻا بيهڻ به سٺي ڳالهه نه سمجهي ويندي آهي.ملائيشيا ۾ مينهن، سريلنڪا ۾ هاٿي، سعودي عرب ۽ بحرين ۾ اٺ جو نشان روڊ تي هوندا آهن ڇو ته اڪثر اهي جانور روڊ ڪراس ڪرڻ ۾ هوندا آهن، ڏيڏر مٿان ڏيڏر جو نشان وري نيدر لينڊ(هالينڊ ) ۾.ملئي زبان ۾ سڪ، سار ۽ ياد کي رندوRindu چئجي ٿو، انيIni معنيٰ هيءَ ۽ هاتيHiti معنيٰ دل.”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۽ ”جت جر وهي ٿو جال“ ٻئي ڪتاب يا سفرناما ملائيشيا جي پسمنظر ۾ لکيل آهن، انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ملائيشيا جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ملي ٿي، الطاف شيخ هينئر پاڻ خود ملائيشيا ۾ پڙهائي رهيو آهي، ان سبب جي ڪري به کيس ملائيشيا بابت تمام گهڻي ڄاڻ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو؛ مھر خادم؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو