بگو لائيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بيگو لائیو
BIGO Live

بيگو لائيو جو لوگو
سائيٽ جو قِسمُ
Live streaming
۾ موجود 18 ٻوليون
مکيه دفتر
ڌڻي BIGO Technology
يوآرايل www.bigo.tv
تجارتي جي ها
رجسٽريشن جي ها
يوزرز 400 ملين
لانچ ڪيل مارچ 2016؛ 8 سال اَڳُ (2016-03)
موجوده حيثيت ايڪٽِو

بيگو لائيو (Bigo Live) هڪ لائيو اسٽريمنگ پليٽ فارم آهي جيڪو سنگاپور جي بيگو ٽيڪنالاجي جي ملڪيت آهي[1][2][3]، جنهن جو بنياد 2014 ۾ ڊيوڊ لي ۽ جيسن هو رکيو.

2019 ۾، بيگو ٽيڪنالاجي هڪ چيني ڪمپني جووي حاصل ڪئي وئي[4][5]، جيڪا نيزڊيڪ تي درج ٿيل.

بگو ٽيڪنالاجي ملڪيتي هٿراڌو ڏاهپ (مصنوعي ذهانت، آرٽيفشل انٽيجيلنس) ۽ مشين لرننگ تيار ڪئي آهي جيڪا ايپليڪيشن ۾ سمايل آهي. اي آءِ فيچرز لائيو اسٽريمنگ جي دوران يوزر جي مشغولي ۽ تجربو کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن[6].


ڏسندڙ پنهنجي پسنديده براڊڪاسٽر کي ايپ ۾ موجود سوکڙين ڏيڻ سان سهڪار ڪري سگهن ٿا[7]، ۽ ڪجهه مشهور براڊڪاسٽرز هن ايپ کي پنهنجي فُل-ٽائم ملازمت طور ڪم آڻين ٿا. بيگو ننڍڙا وڊيو ٺاهڻ (شارٽ وڊيو ڪرييشين) ۽ شيرنگ ايپ لائيڪي جي مالڪ آهي[8][9][10].

حوالا[سنواريو]