بيگم فقيرياڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي. سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم کي ”ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڀٽ جي درگاج تي ايندي رهندي هئي. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن. بيگم فقيرياڻيءَ مائي غلام فاطمه موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي پڻ ڳائي هئي، جيڪا پوي سندس سڃاڻپ بڻجي وئي:

محبت جي آهيان ماري، نہ تہ ڪير ڪشالا ڪري!

بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ ۽ نامياري شاعر، استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻيءَ ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي.

لاڏاڻو[سنواريو]

بيگم فقيرياڻيءَ 13 اپريل 1987ع ٿي لاڏاڻو ڪري وئي.[1] [2]

حوالا[سنواريو]