بيروت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بيروت
Beirut

بيروت (عربی)
Beyrouth (فرینچ)
گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی
مٿي کان: بيروت زيتوني نار؛ صحت الشهداء (شهيدن جو اسڪوائر)؛ بيروت جي نجمه اسڪوائر ۾ ڪلاڪ ٽاور؛ سينٽ جارج جو مارونائٽ ڪيٿڊرل (کاٻي) ۽ محمد الامين مسجد (ساڄي)؛ سارسوک ميوزيم ۽ پيجیئن راڪس آف روچی۔
بيروت Beirut
جھنڊو
بيروت Beirut}}
قومي نشان
عرفيت: اوڀر جو پيرس[1]
نعرو: Berytus Nutrix Legum (لاطيني)
بيروت، قانون جي ماءُ
ملڪ  لبنان
گورنريٽ بیروت
حڪومت
 • گورنر مروان عبود
 • ميئر عبدالله درويش
پکيڙ
 • گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی 67 ڪ.م2 (26 ميل2)
آبادي (2017)[2]
 • گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی ت.  433,249

بيروت (Beirut عربي ٻولي: بيروت) لبنان جي راڄڌاني ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. سال 2014ع جي مطابق، گريٽر بيروت جي آبادي 25 لک (2.5 ملين) آهي،[3] جيڪا ان کي ليونٽ علائقي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ عرب دنيا ۾ تيرهون نمبر وڏو شهر بڻائي ٿي. هي شهر لبنان جي رومي (ڀونوچ) سمنڊ ڪناري جي وچ واري نقطي تي هڪ جزيره نما تي واقع آهي. بيروت 5,000 سالن کان وڌيڪ عرصي کان آباد آهي، دنيا جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي.

بيروت لبنان جي حڪومت جي سيٽ آهي ۽ لبناني معيشت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڪيترا ئي بينڪ ۽ ڪارپوريشنن شهر ۾ ٻڌل آهي. بيروت ملڪ لاءِ هڪ اهم بندرگاهه آهي، ۽ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ پاران بيٽا+ ورلڊ سٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.[4] بيروت کي لبنان جي گهرو ويڙهه، 2006ع جي لبنان جنگ ۽ سال 2020ع ۾ بيروت جي بندرگاهه ۾ وڏي ڌماڪي سبب سخت نقصان پهتو. ان جي تعميراتي ۽ ڊيموگرافڪ ڍانچي ۾ تازو ڏهاڪن ۾ وڏي تبديلي آئي.[5] [6] [7] [8]

حوالا[سنواريو]

  1. Cooke, Rachel (22 November 2006). "Paris of the east? More like Athens on speed". The Guardian. https://www.theguardian.com/travel/2002/jun/02/lebanon.observerescapesection. 
  2. 2.0 2.1 "Lebanon: Administrative Division (Governorates and Districts) - Population Statistics, Charts and Map". وقت 2 July 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 July 2022.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Questions & Answers: Water Supply Augmentation Project, Lebanon آرڪائيو ڪيا ويا 16 April 2024 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.".
  4. "The World According to GaWC 2020". GaWC – Research Network. Globalization and World Cities. وقت 24 August 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 August 2020. 
  5. Reconstruction of Beirut آرڪائيو ڪيا ويا 27 November 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Macalester College
  6. Lebanon's Reconstruction: A Work in Progress, VOA News
  7. "Beirut: Between Memory And Desire". Worldview. وقت 3 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  8. Antelava, Natalia. "'Ugly Beirut' struggles to survive peace". BBC News. وقت 5 August 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 August 2023.