بزم طالب الموليٰ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بزم طالب الموليٰ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ روحاني اڳواڻ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ 1954ع ۾ قائم ٿي هئي. بزم پنھنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ بڻجي اڀري، جنھن جون سنڌ جي مکيہ شھرن ۾ شاخون قائم ٿيون. هن بزم سنڌ ۾ شاعريءَ جي شمع کي سالن تائين روشن رکيو ۽ ڪيتريون ڪانفرنسون منعقد ڪرايون . هن بزم جي شاخن جي سرگرمين ۽ خدمتن جو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ محفوظ آهي. اهڙين ٻين بزمن ۾: بزم استاد بخاري، بزم نثار بزمي وغيره اچي وڃن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.